سري لنڪا ۾ ڪرڪيٽرز اسمگلنگ جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو

ڪولمبو: سري لنڪا ۾ ڪرڪيٽرز اسمگلنگ جو وڏو اسڪينڊل سامهون اچي ويو، ڪوڙي پروفائيل تي آسٽريليا وڃڻ جو انڪشاف. اسٽريلوي اخبار طرفان سري لنڪا کان ڪرڪيٽرز کي ڪوڙي پروفائيل تي آسٽريليا اسمگل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن ۾ سيمي ڪنڊاگي نالي پليئرز ايجنٽ جو نالو سامهون آيو آهي، هو هاڻ ميلبورن ۾ آهي، پر مبينا طور تي پنهنجي اباڻي ملڪ کان نوجوان رانديگرن جا ڪوڙا پروفائيل ٺاهي اسپورٽس ويزا تي آسٽريليا وٺي ويندو آهي. هڪ رانديگر نالو نه کڻڻ جي شرط تي ٻڌايو ته مون ڪنڊگي جي مدد سان آسٽريليا اسپورٽس ويزا حاصل ڪرڻ کان پهريان صرف هڪ فرسٽ ڪلاس ميچ کيڏي هئي، گذريل سال ميلبورن ايئرپورٽ تي پهچڻ کانپوءِ ايجنٽ کي 10 هزار ڊالر ڏنا، مونکي هڪ اهڙي جاءِ ۾ ترسايو ويو جنهن کي 3 ڪمرا ۽ هڪ باٿ روم هو ۽ اتي ٻيا 16 ماڻهو به ترسيل هئا، ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ اسان ڪنهن پناهگير ڪيمپ ۾ ترسيل هجون.

Read Previous

فلمن ۾ ڪم لاءِ جنسي لاڳاپا قائم ڪرڻ جو شرط رکيو ويو: فاطمه ثنا شيخ

Read Next

ڀان سيدآباد ۾ هڪ نئون زهريلي سوپارين جو هول سيلر ظاهر ٿي ويو

Most Popular