تمام جلد ڪاليج جو اڏاوتي ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اتي شاگردياڻين جو تدريسي عمل پڻ شروع ڪيو ويندو: شرجيل انعام ميمڻ

حيدرآباد :  ايم پي اي ۽ اڳوڻي صوبائي وزيراطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلزپارٽي چونڊن ۾ وعدو ڪيو هو ته اسان ٽنڊو ڄام ۾ گرلز ڪاليج قائم ڪيو ويندو ۽ اڄ اسان عوام سان ڪيل اهو وعدو پڻ پورو ڪندي ٽنڊ ڄام ۾ 90 ملين رپين جي لاڳت سان ٽن سالن ۾ مڪمل ٿيندڙ پهريئن گرلز ڪاليج جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي ۽ تمام جلد ڪاليج جو اڏاوتي ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اتي شاگردياڻين جو تدريسي عمل پڻ شروع ڪيو ويندو _ هو اڄ پنهنجي تڪ ٽنڊو ڄام حيدرآباد ۾ گرلز ڊگري ڪاليج جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي رٿيل تقريب کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائي رهيو هو _ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن ملڪ ۾ ڪو به غدار ناهي پر هي حڪومت پنهنجين ناڪامين ۽ نااهلين کي لڪائڻ لاءِ اڳ ۾ چور۽ ڌاڙيل جا سرٽيفڪيٽس ورهائيندي هئي ۽ هاڻي هر ڪنهن کي غداري جو سرٽيفيڪٽس ڏئي رهي آهي _ هن چيو ته جيڪو به ٻين کي غدار چوي ٿواهو نه ته پاڻ ملڪ سان مخلص آهي ۽ نه ئي وري اهو پنهنجي مقصد سان سچو آهي جڏهن ته  هن وقت وفاقي حڪومت  انتشار ۽ گهٻراهٽ جو شڪار آهي _ هن چيو ته عمران خان پنهنجين تقريرن ۾ ڪٿي به اٽي ۽ کنڊ تي ڳالهه نه ڪئي آهي ۽ فقط مخالف ڌر تي الزام لڳائي رهيو آهي _ هن چيو ته هاڻي عمران خان جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ جڏهن به ڪا حڪومت وڃڻ واري هوندي آهي ته اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندي آهي جيڪي هن وقت عمران خان ۽ سندس وزير ڪري رهيا آهن – اسلام آباد ۾ لانگ مارچ جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال تي هن چيو ته هن وقت پيپلزپارٽي پي ڊي ايم سان گڏ آهي جيڪي به فيصلا پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي ڪيا ويندا پي پي پي انهن فيصلن سان اتفاق ڪندي- سنڌ جي ٻيٽن جي حوالي سان هن چيو ته پي پي پي سنڌ اسيمبلي  مان ٻيٽن تي صدارتي آرڊيننس جي خلاف مذمتي قرارداد منظور ڪرائي ورتي آهي ۽  چيو ته ايوان صدر کي ايوان صدر ئي رهڻ ڏنو وڃي ۽ ان آرڊيننس کي فيڪٽري نه بڻايو وڃي _  

Read Previous

دادو ۾ آل سنڌ روينيو ملازم يونين پاران مرڪزي سڏ تي فرانس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

پي ايس ايل فائيو: ڊوپليسي سميت 21 پرڏيهي ڪرڪيٽر پاڪستان اچڻ لاءِ تيار

Most Popular