نيب چيئرمين جي اثاثن جا تفصيل نٿا ڏئي سگهجن: انفارميشن ڪميشن جو فيصلو

اسلام آباد:  پاڪستان انفارميشن ڪميشن(پي آءِ سي) نيب چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سميت نيب آفيسرن جي اثاثن جي تفصيلن جي معاملي تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.  پاڪستان انفارميشن ڪميشن شهري جي درخواست تي نيب چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سميت نيب آفيسرن جي اثاثن جي تفصيلن بابت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. انفارميشن ڪميشن جي ڪمشنر زاهد عبدالله فيصلي ۾ لکيو آهي ته نيب چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اثاثن جا تفصيل نٿا ڏئي سگهجن.  پاڪستان انفارميشن ڪميشن جي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نيب آفيسرن  ۽ سندن گهر ڀاتين جا اثاثا عام ڪرڻ سان انهن جي پرائيويسي کي نقصان پهچي سگهي ٿو. ان کان علاوه فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته قومي احتساب بيورو(نيب) پنهنجي آفيسرن جي خلاف سموريون جاچ رپورٽون 28 نومبر تائين پڌريون ڪندو.  ياد رهي ته نيب چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اثاثن جي ڄاڻ جي لاءِ شهري رانا اسدالله درخواست ڏني هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته نيب آفيسرن ۽  سندن گهر ڀاتين جي نيب مقرري کان اڳ ۽ پوءِ جا اثاثا ٻڌايا وڃن جنهن کان پوءِ شهري نيب جي طرفان ڄاڻ نه ڏيڻ تي پاڪستان انفارميشن ڪميشن ۾ اپيل داخل ڪئي هئي.

Read Previous

آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ رانا ثناءُالله ڏهه نومبر تي طلب

Read Next

ڪورونا وائرس دوران وقت تي فيصلا نه ڪيا ويا ته صورتحال خراب ٿي ويندي: ڊاڪٽر فيصل سلطان

Most Popular