نيوسعيدآباد بائي پاس تي مسافر ڪوچ جو ڪنڊيڪٽر ۽ ڪلينر 70 ورھين جي پوڙھي ھمراه کي بي ھوشي جي حالت ۾ مسافر ڪوچ مان لاھي فرار ٿي ويا

نيوسعيد آباد )رپورٽ جبار عمراڻي  ( نيوسعيدآباد بائي پاس تي مسافر ڪوچ جو ڪنڊيڪٽر ۽ ڪلينر 70 ورھين جي پوڙھي ھمراه کي بي ھوشي جي حالت ۾ مسافر ڪوچ مان لاھي فرار ٿي ويا, شھرين جي اطلاع تي پوليس پوڙھي شخص کي پوليس موبائيل ۾وجھي اسپتال کڻي آيا, اسپتال ۾ کيس ھوش ۾ آڻڻ جون ڪوششون ڪيون ويون پر ھمراه ھوش ۾ نه اچين پئي سگھيو, بائي پاس تي موجود ماڻھن موجب ڪراچي کان سکر طرف ويندڙ عمراڻي ڪوچ مان مسافر کي لاٿو ويو  سندس کيسي مان مليل شناختي ڪارڊ جي پتي موجب بي ھوش ٿيل ھمراه جو نالو عبدالحميد ڀان ڳوٺ نوازيو ڀاڻ لڳ ڀريا ضلعو نوشھروفيرز آھي,ھوش ۾ نه اچڻ جي ڪري کيس لمس اسپتال حيدرآباد اماڻيو ويو آھي

Read Previous

پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو مٿان قاتلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.اسدالله حيدري

Read Next

دادو ۾ مري برادري جي سوين ماڻهن جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ سندس پٽ فرحان مري کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

Most Popular