سجاول ۾ ٻارڙا کي تعليم حاصل ڪرڻ به عذاب بڻجي ويو

سجاول:(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)سجاول ۾ ٻارڙا کي تعليم حاصل ڪرڻ به عذاب بڻجي ويو.سجاول جي ڳوٺ الھڏنو شاه جي اسڪول ڏھن سالن کان کنڊرات ۾ تبديل ٻارڙا کلي آسمان ۽ ڪنڊن تي ويھي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا.سجاول ويجھو ڳوٺ آگيڏنو  شاه  جي رھواسين ۽ ٻارڙن احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جي اسڪول   2010 واري ماه ٻوڏ ۾ کنڊرات ۾ تبديل ٿي وئي آھي.جنھن سبب ٻارڙا کلي آسمان تي وئي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن.اسان سجاول ضلعي انتظاميه کي درخواست پڻ ڏني آھي ته اسان جي اسڪول ماه ٻوڏ ۾ تباه ٿي وئي آھي جنھن سبب ٻارن جي تعليم تباه ٿي رھي آھي.اسڪول جي عمارت نه ھجڻ ڪري اسان جي ٻارڙا تعليم کان متاثر ٿي رھيا آھن.پر اڃا تائين اسان جي واھر نه ڪئي آھي.انھن وڌيڪ چيو ته  ضلعي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندا تعليم بابت ننڊ پيل آھن.انھن وزيراعلي سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي ته ڳوٺ آگيڏنو شاه  جي اسڪول جي عمارت جي مرمت ڪرائي اسڪول کي فحال بڻايو وڃي.

Read Previous

پاڪستان تحريڪ انصاف سجاول جي جنرل سيڪريٽري ريحان بوبڪ پي ٽي آئي کي الوداع ڪري سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

سمورن خدشن جي باوجود چونڊون کٽي چڪو آهيان؛ ڊونلڊ ٽرمپ

Most Popular