آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ووٽنگ جي باقاعدي طور شروعات

واشنگٽن  آمريڪي صدارتي چونڊن جي سلسلي ۾ ووٽنگ جي باقاعدي طور شروعات ٿي وئي آهي. انهن چونڊن ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو مقابلو ڊيموڪريٽڪ اميدوار جو بائيڊن سان آهي. عوامي جائزن ۾ جو بائيڊن اڳتي آهي پر سوئنگ اسٽيشن جا نتيجا ڊونلڊ ٽرمپ جي حق ۾ اچي سگهن ٿا. 99 ملين آمريڪي شهري اي ميل يا وري خطن ذريعي پنهنجا ووٽ وجهي چڪا آهن پر ان باوجود آمريڪي چونڊن جا حتمي نتيجا سامهون اچڻ ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳي سگهن ٿا. هلندڙ سال آمريڪي چونڊن جا نتيجا سامهون اچڻ کانپوءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ بدامني جا واقعا پيش اچڻ جا خدشا به ظاهر ڪيا ويا آهن.

Read Previous

تحريڪ انصاف جمهوري احتجاج جو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

هاڪي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان عبدالرشيد جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular