اکين کان نابين نديم سولنگي پريس ڪلب نوشھروفيروز جي مين گيٽ اڳيان معذور ڪوٽا تي نوڪري نه ملڻ خلاف احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) اکين کان نابين نديم سولنگي پريس ڪلب نوشھروفيروز جي مين گيٽ اڳيان معذور ڪوٽا تي نوڪري نه ملڻ، انڪم سپورٽ عشر زڪوات جي رقم سميت امداد نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو هڻي ويهي رهيو۔ نديم سولنگي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي ڪٽنب جا ڪيترائي گهر ڀاتي اکين کان نابين آھن جنهن ڪري اسان جي زندگي ڏکي گذري رهي آھي۔ جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ وفاق پاران ملندڙ امدادي رقم به نه ٿي ڏني وڃي. جڏهن ته هتان جا چونڊيل نمائندا ۽ ضلعي انتظاميا به ڪا مدد ناهي ڪئي۔ هن چيو ته تازو معذورڪوٽا تي ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيرو مختلف کاتن ۾ آرڊر ورهايا پر افسوس جو اسان نابينن کي به وري نظرانداز ڪيو ويو. هن سنڌ حڪومت ۽ ڊپٽي ڪمشنر کان مطالبو ڪيو ته معذور ڪوٽا تحت نوڪري ڏئي اسان معذورن جي مالي مدد ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

Read Previous

مٽياري ضلعي انتظاميا پاران ميلاد مصطفيﷺ ريلي ڪڍي

Read Next

اڳوڻي ٽائون چيئرمين مٽياري سيد سڪندر علي ۽ سيد سردار علي شاه جي ڀيڻ لاڏاڻو ڪري وئي آهي

Most Popular