جميعت علماء اسلام راڻيپور پاران تحفظ ناموس رسالت ۽ فرانس ۾ ٺھندڙ گستاخانا خاڪا ٺاهڻ خلاف مدرسه دارالفيوض کان ريلي ڪڍي وئي ريلي

راڻيپور … جميعت علماء اسلام راڻيپور پاران تحفظ ناموس رسالت ۽ فرانس ۾ ٺھندڙ گستاخانا خاڪا ٺاهڻ خلاف مدرسه دارالفيوض کان ريلي ڪڍي وئي ريلي شاهي بازار سونارا بازار ريشم گلي مرشد بازار کان ٿيندي دستگير گيٽ تي پهتي جتي اڳواڻن مولوي نور محمد ميمڻ محمد راشد ليل عبدالواحد بروهي علي بخش بروهي عيد محمد پٺاڻ حافظ قاري لعل محمد عباسي خطاب ڪندي چيو ته فرانس جي اندر رسول پاڪ صه جي گستاخانا خاڪن ٺاهڻ جي سخت مذمت ڪيون ٿا ناموس رسالت تي مسلمان جان ڏيڻ تيار هوندا آھن فرانس جي صدر پاران رسول پاڪ جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي آھي رسول ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخانه خاڪا شائع ڪري مسلمانن جي ايماني غيرت کي للڪاري توهان ۽ اسان جو امتحان وٺي رهيا آهن، جڏهن ته فرانس محسن انسانيت خاتم النبين رسول اڪرم ﷺ جا خاڪا شائع ڪرڻ سان دنيا ۾ رھندڙ مسلمانن جي جذباتن کي مجروح ڪرڻ سان گڏ سندن جي دل آزاري ڪئي آهي، حضور ﷺ سان محبت، عشق ۽ عقيدت ھر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي، تحفظ ناموس رسالت ۽ ختم نبوت صه جي لاءِ اسان ھر قرباني ڏيڻ لاء تيار آهيون رسول ﷺ جا گستاخانه خاڪا ناقابل برداشت آهن، گستاخانه خاڪا ٺاهڻ وارا عالمي دھشتگرد ۽ عالمي امن جا دشمن آهن، جناب رسول ﷺ جي حرمت ۽ ناموس تي ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان پوئتي نه ھٽنداسين. جي يو آءِ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اظھار راءِ جي آزادي جي نالي تي اسلام مخالف ۽ مسلمانن جي خلاف سازشون بند ٿيڻ گھرجن، مسلمان ڪڏهن به رسول ﷺ جي شان ۾ گستاخي برداشت نٿو ڪري سگهي. رياست مديني جا دعويدار نااھل حڪمران فرانسي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ سمیت فرانس جي تمام مصنوعات جو مڪمل بائیڪاٽ ڪيو وڃي

Read Previous

بي سيڪشن پوليس جي لائين پار جي نٽ پاڙي ۾ ڇاپو مبينه طور اغوا ٿيل نينگري تھمينہ کي بازياب ڪرائي ورتو

Read Next

ايم اين اي پ پ پ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان جن جي تعزيت

Most Popular