سانگهڙ : چوٽياريون ۾سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جي قبضو ماھيگرن جي روزگار تي ڌاڙو آهي: ماھيگر

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) سانگهڙ لڳ چوٽياريون ۾سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جي قبضو ماھيگرن جي روزگار تي ڌاڙو آهي. ماھيگر.خبر موجب پاڪستان فشر فوڪ پاران سنڌ جي ٻيٽن تي  وفاقي آرڊيننس خلاف چوٽياري شھر ۾  احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،  ڏنگي ۽ ڀُنڊاڙ سميت سنڌ جي  سمورن ٻيٽن تي وفاق جو قبضو ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي  پاڪستان فشر فوڪ فورم سانگهڙ جي ضلعي صدر رسول بخش ملاح,  مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري رمضان ملاح, سڪندر علي ملاح, سميت ماهيگيرن  احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ريلي ۾ ڏنگي ۽ ڀُنڊاڙ سميت سنڌ جي سمورن ٻيٽن تي وفاق جي قبضو غير آئيني آهي. سنڌ جي لکين ماھيگرن تي ڌاڙو ھڻڻ جي برابر ٿيندو. ھنن وڌيڪ چيو ته وفاق سنڌ جي سمورن ٻيٽن تان قبضو ختم ڪري، سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن، جنهن تي وفاق کي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين , جيسيتائين وفاق  قبضو نه ٿو ختم ڪري تيسيتائين اسان پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين.

Read Previous

سانگهڙ جي مشهور سياسي سماجي شخصيت رئيس الھ بچايو نظاماڻي جي پھرين ورسي پريس ڪلب سانگهڙ جي سورھ بادشاهه ھال ۾ ملھائي وئي

Read Next

ٺٽي: گولائي تي آڌارفائونڊيشن,پاڪستان زنده باد آرگنائيزيشن ۽ احلحديث ويلفيئر پراجيڪٽ پاران گڏيل هڪ روزه فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي

Most Popular