وڏ متاثرين خاندانن ۾ هڪ مهيني جو راشن 2 سئو ماڻھن ۾ سوڙھون , 80 ماڻھن ۾ چوپائي مال لاء بھ تقسيم ڪيو ويو

دادو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر ) دادو  نئن گاج جي تباه ڪارين بعد  جوهي تعلقي ڪاڇي جي  6 کان مٿي  يوسين  ڪمال خان ڇني  جوهي  2  ڊرگه بالا, واهي پانڌي , شاھ حسن  ۾ ريڊس پاڪستان  تنظيم طرفان ڪرڪ ان ايڪٽي جي تعاون سان   2  هزار کان مٿي ٻوڏ متاثرين خاندانن ۾ هڪ مهيني جو راشن  2 سئو ماڻھن ۾ سوڙھون , 80 ماڻھن ۾ چوپائي مال لاء بھ  تقسيم ڪيو ويو, ان موقع تي ريڊس پاڪستان دادو عبد الله ,اويس ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر , پيپلز يوٿ ونگ علڻ خان لغاري, اعجاز شاھ شيرازي ,ايڊيشنل سوشل ويلفيئر دادو,  ميڊم  ,ريحانه جوڻيجوڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ,ميڊم تهمينه سميجو , ميري اسٽوپ, ڊي ايڇ اودادو ڊاڪٽر زاهد ڏاوڇ ,مصفطي لغاري , ثناء الله,منگي  پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر ,ثفاقت سردار پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر ,رحيم يار خان ,مجاهد سليم مئنيجر نيٽ و رڪ, ميڊم عذره ميمڻ ناري ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جوهي ريجنل ٽائمز روشن ميمڻ،سحولتڪار منظور چانڊيو ، فدا حسين پنهور ۽ ٻين  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان  نئن گاج جي ٻوڏ ۾ آيل متاثرينن جي  در در  سروي ڪئي هاڻ انهن فلڊ ٽارگيٽ يوسين جي  2  ھزار متاثرين خاندانن ۾   مهيني جو راشن ڏنو آھي  ۽ ان سان گڏ مال جو چارو بھ ۽ موسم آھر سردي کان بچاء لاء سوڙھون ڏنيون آھن  هنن چيو ته  اسان جي تنظيم  هڪ پلاننگ تحت وڌيڪ مستحقين ماڻھن کي ضرورت آھر راشن ڏيندي هنن چيو ته نئن گاج ڪاڇي اندر وڏي تباهي آڻي ڇڏي آھي روڊ رستا گهرن جو اڏاوتون ڊھي پٽ پئجي ويون آھن  اسان ريڊس پاڪستان طرفان  ڪوششون جاري آھن ته ٻوڏ متاثرين جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪرڻ لاء  انهن سان مڪمل ٿيل نقصان جو ازالو ڪجي مگر فلحال شروعات ڪئي آھي جيئن ٻوڏ متاثرين ڪاڇي واسين کي رليف پهچائي سگهون .

Read Previous

ٺٽي: گولائي تي آڌارفائونڊيشن,پاڪستان زنده باد آرگنائيزيشن ۽ احلحديث ويلفيئر پراجيڪٽ پاران گڏيل هڪ روزه فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي

Read Next

قاضي احمد پاران جشن عيدميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ سيد آصف علي شاھ جيلاني جي صدارت هيٺ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي

Most Popular