قاضي احمد پاران جشن عيدميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ سيد آصف علي شاھ جيلاني جي صدارت هيٺ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي)  پريس ڪلب قاضي احمد پاران جشن عيدميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ سيد آصف علي شاھ جيلاني جي صدارت هيٺ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب کي اهلسنت والجماعت جي امير قاري حافظ عبدالرحمان ماڃوٺو ء استاد عبدالحلیم جوڻو جن حضور ڪريم عليه الصلوات اسلام جن جي زندگي مبارڪ تي عقيدت جا گل نڇاور ڪندي فرمايو ته نبيء ڪريم ﷺ جن دنيا ۾ رحمت العالمين بڻجي آيا جنهن سان دنيا ۾ انقلاب اچي ويو، ء ڪفر تي اسلام غالب بڻجي ويو. هنن وڌيڪ روحاني خطاب ڪندي فرمايو ته فرانس ۾ يھوديت جي پيروڪارن حضور ڪريم ﷺ جن جا گستاخي ڀريل خاڪا تيار ڪري مسلمانن جي ايمان تي حملو ڪيو آهي سندن اهڙي عمل ڪري پوري دنيا جي مسلم امت ۾ غم و غصي جي لھر ڇانيل آهي، اهوئي سبب آهي جو پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مسلمانن پاران فرانس حڪومت ء سندن ڪمپنيز خلاف جو مڪمل طور بائيڪاٽ ڪرڻ ء پاڪستان ۾ مقرر فرانسيسي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جا مطالبا ڪيا پيا وڃن. تقريب ۾ صدر پريس ڪلب قاضي احمد عبدالمومن جوڻو آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪري سندن شڪريو ادا ڪيو، تقريب ۾ نعت خوان محمد يعقوب ڀان نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ هديه نعت پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي. تقريب ۾ دڪاندار شهري اتحاد جي صدر حاجي خان لاکو، حافظ امداد راهو، ايس يو پي ضلع صدر ڌڻي بخش ڪلوئي، سرپرست اعليٰ پريس ڪلب نواب ولي محمد بھاول لاکو، صدر عوامي پريس ڪلب نواب ولي محمد منور ڪلوئي، ممتاز خادم ميمڻ، استاد غلام مرتضيٰ شاھ، استاد محمد ايوب چانڊيو، ينگيسٽرز ويلفير گروپ صدر محمد رمضان لاشاري، شھري اتحاد اڳواڻ بابو سرفراز راجپوت، محمد امين اوٺو، فقير غلام حسين ڪنڀر، واپڊا يونين اڳواڻ ڄام رفيق انڙ، اعجاز علي لاکو، مير خان لاکو، فقير بشير خاصخيلي، فقير اشرف انڙ، ممتاز خاصخيلي، محرم علي ڀان، گلشير راجپوت، ياسين ميراڻي سميت سياسي سماجي اڳواڻن ء پريس ڪلب قاضي احمد جي سمورن عهديدارن ء ميمبرن شرڪت ڪئي.

Read Previous

وڏ متاثرين خاندانن ۾ هڪ مهيني جو راشن 2 سئو ماڻھن ۾ سوڙھون , 80 ماڻھن ۾ چوپائي مال لاء بھ تقسيم ڪيو ويو

Read Next

ڳوٺ محمود مھيسر ۾ ڀاءُ پاران مبينه طور تي ملڪيت خاطر پنھنجي ڀيڻ کي گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف

Most Popular