راشد لطيف بابر اعظم کي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان بنائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

لاهور:   اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف اظهر علي جي جڳهه بابر اعظم کي ٽيست ٽيم جو ڪپتان بنائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.  سرڪاري ٽي وي تي پنهنجي تبصري ۾ اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف چيو ته هر ڀيري ڪپتان بدلائڻ سان معاملا خراب ٿيندا آهن. سرفراز احمد کي جڏهن ٽيم جو ڪپتان بنايو ويو هو ته ان وقت چيو ويو ته هاڻ واهان کي ٽنهي فارميٽ جو هڪ ڪپتان نه ملندو. بورڊ هاڻ ٻيهر غلطي ڪرڻ  وڃي رهيو آهي. بابر اعظم سٺو رانديگر آهي ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي پر ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي کان پوءِ هن مشڪل دوري جي لاءِ ٽيسٽ ٽيم جي قيادت ڏيڻ سان وڌيڪ پريشر وڌي ويندو جنهن سبب هو پنهنجي بيٽنگ تي ڌيان نه ڏئي سگهندو.  راشد لطيف چيو ته بابر اعظم سٺو رانديگر آهي ان کي پنهنجو سمورو ڌيان بيٽنگ تي ڏيڻ گهرجي.

Read Previous

وفاقي وزير علي حيدر زيدي ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي

Read Next

آمريڪا ۾ ڪورونا ڪيس هڪ ڪروڙ کان وڌي ويا

Most Popular