نيوسعيدآباد : باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ باگڙي برادري جا 10 ڪچاوان گھر سڙي ويا

نيوسعيدآباد ( رپورٽ جبار عمراڻي   )نيوسعيدآباد باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ باگڙي برادري جا 10 ڪچاوان گھر سڙي ويا فائربرگيڊ دير سان پھچڻ سبب گھرن جا مالڪ پنھنجن گھرن مان سامان نه ڪڍي سگھيا,گھر ڌڻين جو الھ تلھ سڙي ويو,اطلاع ملڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر نيوسعيدآباد پھتو ۽ فائر برگيڊ پاران باه وسائڻ جي ڪمن جي نگراني ڪئي,باھ وسائڻ لا۽ شھرين جو وڏو تعداد,سول سوسائٽي نيوسعيدآباد جا ڪارڪن  جي اڳواڻي ۾ مصروف ٿي ويا,باھ لڳڻ سبب باگڙي برادري جي ڏھن ئي گھرن اندر پيل ڪڻڪ جو اناج, ھنڌ ۽ بسترا ۽ گھرون سامان سڙي خاڪ ٿي ويو, باگڙي برادري جون عورتون,ٻارڙا ۽ مرد باه جو منظر ۽ گھرن کي سڙڻ جو منظر ڏسين دانھون ڪندا رھيا, باه لڳڻ جي نتيجي ۾ سيد الھڏنو شاھ جي پاڙي ۾ رھندڙ ھريرام باگڙي,ڪارو باگڙي,ڪنھيو باگڙي,مرزو باگڙي,امير باگڙي,لڇمڻ باگڙي,گوپي باگڙي,ڳاڙھو باگڙي,سرور باگڙي ۽ وڪيل باگڙي جا ڪچاوان گھر ۽گھرن اندر پيل ڪڻڪ جو اناج,گھرون سامان مڪمل طور سڙي خاڪ ٿي ويا آھن,

Read Previous

سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن کي به قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين

Read Next

قاضي احمد تعلقي بار ڪائونسل جي چونڊجي اچڻ کان پوء ضيا۔ حسين لنجار پھتو جنهن عھديدارن کي مبارڪون ڏنيون

Most Popular