ڪورونا وائرس سبب روڪيل ترقياتي ڪمن کي فوري طور مڪمل ڪرڻ جو اعلان

سانگهڙ (رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر ۽ سانگهڙ پيٽروليم سوشل ڊولپمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين سينيٽر امام الدين شوقين سڄي ضلعي ۾ ڪورونا وائرس سبب روڪيل ترقياتي ڪمن کي فوري طور مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ترقياتي ڪمن جي معيار کي برقرار رکيو ويندو ۽ انهن جي سخت نگراني ڪئي ويندي. جڏهن ته سنڌ حڪومت جي تيل ۽ گئس رائلٽي بابت جوڙيل رهنما اصولن تي پڻ مڪمل عملدرآمد ڪيو ويندو. اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ پيٽروليم سوشل ڊولپمينٽ ڪاميٽي سانگهڙ جي هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي سينيٽر امام الدين شوقين چيو ته  سڄي ضلعي کي برابري جي بنياد تي ترقي ڏياري رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته پراڊڪشن بونس جي مد ۾ ملندڙ رائلٽي جو 60 سيڪڙو لاڳاپيل تعلقي تي خرچ ڪرڻو آهي جڏهن ته 40 سيڪڙو ضلعي جي ڪنهن به حصي ۾ خرچ ڪري سگهجي ٿو، ان کان علاوه سوشل ڊولپمينٽ فنڊ چيئرمين جي صوابديدي آهي ته اهو ضلعي ۾ ڪٿي به خرچ ڪري سگهجي ٿو هن چيو ته ضلعي ۾ جاري 57 ترقياتي رٿائون ڪورونا وائرس جي ڪري رڪيل هيون جيڪي فوري طور شروع ڪيون ويون آهن جڏهن ته عوام جي سهولت کي نظر ۾ رکندي متبادل رٿائون پڻ شروع ڪيون ويندو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا جاري رٿائن بابت گڏجاڻي کي بريفنگ پڻ ڏني.

Read Previous

حيدرآباد جي نيو ماڊرن اسپورٽس ٽيم نوابشاه جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي

Read Next

ريلوي ڪلارڪ ايسوسيئشن سکر ڊويزن پاران الله ڏنو گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ناموس رسالت صه ريلي

Most Popular