پاڪستان تحريڪ انصاف ليڊيز ونگ ضلعي ٺٽي جي حلف برداري تقريب

ٺٽو(رپورٽ يارمحمدميربحر)پاڪستان تحريڪ انصاف ليڊيز ونگ ضلعي ٺٽي جي حلف برداري تقريب پاڪستان تحريڪ انصاف ليڊيز ونگ سينٽرل سنڌ ريجن حيدرآباد جي صدر ميڊم مھرالنساء بلوچ جي صدارت ۾ انصاف ھائوس ارسلان پيلس ڇتوچنڊ ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ ليڊيز ونگ حيدرآباد ريجن جي جنرل سيڪريٽري شبانہ نواب، سينيئر نائب صدر ميڊم انيسہ ولي الله، نائب صدر ميڊم افروز شورو، ميڊم قمر شيما ۽ ٻين پارٽي عورت اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چونڊيل ليڊيز ونگ ضلعي ٺٽي جي عورت اڳواڻن ضلعي صدر ميڊم شھناز بلوچ، جنرل سيڪريٽري رابعہ جوکيو، سينيئر نائب صدر شاھده ارشد سميت ٻين کي پي ٽي آء ليڊيز ونگ حيدرآباد ريجن جي صدر ميڊم مھرالنساء بلوچ پاران حلف کڻايو ويو. ان موقعي منعقد ڪيل حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي مھرالنساء بلوچ چيو تہ پوري سنڌ ۾ تنظيم سازي وارو عمل جاري آھي، ضلعي ٺٽي ۾ بہ ليڊيز ونگ جون باڊيون جوڙيون ويون آھن، ھن چيو تہ ضلعي ٺٽي اندر پي ٽي آء بھتر ڪم ڪري رھي آھي، ھن چيو تہ سنڌ ۾ ترقياتي ڪم نظر نٿا اچن، سمورا شھر کنڊر جو ڏيک ڏيڻ لڳا آھن. وزير اعظم پاڪستان عمران خان ملڪ کي ترقي جي راھ تي گامزن ڪرڻ ۾ مصروف آھي، جلد ملڪ مان مھنگائي جو بحران ختم ٿي ويندو. ان موقعي تي پي ٽي آء ضلعي ٺٽي جو صدر رئيس ارسلان خان بروھي، جاويد لطيف ميمڻ، ھوش محمد عباسي، مراد خان ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

Read Previous

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ڪاليج خيرپور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس جي ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملاز من کي پڪو ڪرڻ لاءِ بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي

Read Next

حارث رئوف شاهد آفريدي کان معافي گهرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular