سڪرنڊ بينظير ڊسٽرڪٽ اسڪول سڪرنڊ جي پرنسپال ميڊم مسرت منظور چوهاڻ چيو آهي ته بي ڊي ايس جي تعليم منفرد تعليم آهي

سڪرنڊ ( رپورٽ علي اصغر چوهاڻ )  سڪرنڊ بينظير ڊسٽرڪٽ اسڪول سڪرنڊ جي پرنسپال ميڊم مسرت منظور چوهاڻ چيو آهي ته بي ڊي ايس جي تعليم منفرد تعليم آهي هن اداري مان ٻار تعليم سان گڏ صحت مند سرگرمين سميت حسن اخلاق جو پيڪر ثابت ٿيندو هوءَ اسڪول ۾ داخلائن واري پهرين مرحلي ۾ انٽرويوز دوران ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي هن چيو ته اسڪول جا ڪلاس شروع ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن پهرين مرحلي ۾ پلي گرائونڊ ۽ بعد ۾ مڊل تائين جا ڪلاس شروع ڪيا ويندا ميڊم اهو به ٻڌايو ته انٽرويوز جا ٽي ڏينهن مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي16-17-18 نومبر تائين جاري رهندا جيڪي مڪمل ٿيڻ بعد پاس ٿيل ٻارن جا نتيجا ظاهر ڪيا ويندا هن وڌيڪ چيو ته اسڪول ۾ پڙهائيءَ سان گڏ ٻارن جي راند روند جو پڻ اهتمام ڪيو ويو جنهن لاءِ مختلف جهولا پڻ لڳايا ويا آهن جڏھن ته ماهر اسٽاف پڻ ڀرتي ڪيو ويو آهي هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ابرار احمد جعفر بي ڊي ايس جو دورو ڪيو ۽ هلندڙ ٻارن جي انٽرويوز جو معائنو ڪيو معائني ڪرڻ بعد هن انتظامن جي ساراھ ڪئي ساڻس گڏ اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ محمد سليم جتوئي پڻ هو .

Read Previous

ڀرياروڊ ڀرسان ڳوٺ خليفو حاجي ابراھيم ڪيريو ۾ عيد ميلاد النبي صلعم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو وڏي تعداد ۾ حرجماعت جي ماڻھن سرڪت ڪئي مشھور نعت خوانن حمد ثنا پڙھي

Read Next

دادو جي صدرسٽي ڪالوني جي بلڊر۽ پوليس اھلڪارخلاف ڪورائي برادري جو دادوپريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو

Most Popular