نوشهروفيروز لڳ ٻن روڊ حادثن ۾ 1 ڄڻو فوت جڏهن ته هڪ عورت سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا

نوشهروفيروز(ڊ ر) نوشهروفيروز لڳ ٻن روڊ حادثن ۾ 1 ڄڻو فوت جڏهن ته هڪ عورت سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. درٻيلو ٺاروشاهه لنڪ روڊ تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ مختيارڪار ڀريا نياز اڄڻ جو پٽ ڏهين ڪلاس جو شاگرد عاقب اڄڻ موقعي تي فوت ٿي ويو سندس لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ٻئي پاسي قومي شاهراه تي کاهي راهو وٽ ڪراچي کان فوتي جو مڙهه مظفرڳڙهه کڻائي ويندڙ ڪوسٽر جو ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت رضيه بيبي، اشتياق احمد، عبدالمجيد، زبير احمد، محمد انور ۽ هڪ نامعلوم سخت زخمي ٿي پيا زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس نوابشاهه ريفر ڪيو ويو. جڏهن ته زخمين کي نوابشاهه کڻي وڃڻ لاءِ ايمبولنسون نه هجڻ سبب هڪ ايمبولنس ۾ چئن زخمين کي سٿيو ويو

Read Previous

ٺٽ ڳوراهو جي رهواسڻ بيوهه ريشمان منڱڻهار پنهنجن معصوم ٻارڙن سان گڏ پريس ڪلب اڳيان احتجاج

Read Next

نيوسعيدآباد: پي ٽي آ۽ ضلعي مٽياري جي صدر حسين ميمڻ ۽ ٻين عھديدارن جي ھنگامي پريس ڪانفرنس

Most Popular