حيدرآباد: نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، ايس ٽي پي جو مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي قتل

حيدرآباد ايس ٽي پي جو مرڪزي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي کي نامعلوم ھٿياربندن  گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو.ٽنڊوالھيار ۾ نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي مٿان گوليون وسايون جنھن سبب ھو سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جتي ھن دم ڌڻي حوالي ڪيو.واقعي جي خبر باھ جيان پکڙجي وئي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سميت ڪارڪنن جو وڏو انگ سول اسپتال پھچي ويو جتي مڇريل ڪارڪنن نعري بازي پڻ ڪئي. ٻئي طرف ايس ٽي پي ڪارڪنن ٽنڊي الھيار ۾ ڪاروبار پڻ بند ڪرايو  سول اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته الطاف جسڪاڻي سنڌ جو آواز ھو سندس قتل سنڌ دشمن منصوبن خلاف سندس طرفان ڪيل جدوجھد کي روڪڻ جي سازش آھي.هن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وحي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

Read Previous

ايس ايس پي خيرپورامير سعود مگسي سان والد مير ممتاز مگسي جي لاڏاڻي تي تعزيت

Read Next

ڪراچي ڪنگز جي سوڀ تي شوبز جي فنڪارن جو جشن

Most Popular