ڪراچي ڪنگز جي سوڀ تي شوبز جي فنڪارن جو جشن

ڪراچي:  گذريل ڏينهن ڪراچي ڪنگز لاهور قلندرز کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي جنهن کان پوءِ سڄي پاڪستان سميت شوبز فنڪارن طرفان به جشن ملهايو ويو ۽ خوشي جو اظهار ڪيو ويو. نوجوان گلوڪار عاصم  اظهر به ڪرڪيٽ جي جنوني مداحن مان هڪ آهي ۽ هن ڀيري جڏهن ان جي پسنديده ٽيم ڪراچي ڪنگز چيمپين بڻجي ته هن جي خوشي جي انتها نه هئي. عاصم اظهر انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو ڪراچي ڪنگز جي فتح جا منظر ڏيکاريا ۽ جيئن ئي ڪراچي ڪنگز ميچ کٽي ته هن پنهنجي سمورن دوستن سان گڏ گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. وڊيو جي ڪيپشن ۾ عاصم اظهر لکيو ته ڪراچي ڪنگز چيمپين، هي آهي ڪراچي. گلوڪار علي ظفر به ڪراچي ڪنگز جي سوڀ تي ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي لاهور قلندرز جي ٽيم کي فائنل تائين پهچڻ جي لاءِ داد ڏني. اداڪاره مهوش حيات پي ايس ايل جي فائنل کي ڇرڪائيندڙ قرار ڏيندي ڪراچي ڪنگز کي چيمپين بنجڻ تي مبارڪباد ڏني.  مهوش حيات ڪراچي ڪنگز کي مرحوم ڪوچ  ڊين جونز کي ميچ کٽڻ جي موقعي تي خراج تحسين به پيش ڪيو. اداڪار فيصل قريشي به ڪراچي ڪنگز جي ٽيم کي سوڀ تي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو ته مزو اچي ويو.

Read Previous

حيدرآباد: نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، ايس ٽي پي جو مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي قتل

Read Next

اسرائيلي جهازن جا شام تي حملا، ٽي فوجي مارجي ويا

Most Popular