پاڪستان ۾ ڪورونا جي ٻئي لهر ۾ تيزي: هڪ ئي ڏينهن دوران وڌيڪ 37 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد:  پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ 30 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 37 مريض حياتيون وڃائي ويٺا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 2 هزار 208 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک 63 هزار 380 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب فعال ڪيسن جو انگ وڌي 30 هزار 362 ٿي ويو آهي جڏهن ته هينئر تائين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 3 لک 25 هزار 788 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 37 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن جنهن کان پوءِ گڏيل فوتين جو انگ جو 7 هزار 230 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ مريضن جو انگ هڪ لک 57هزار 432، پنجاب ۾ هڪ لک 11 هزار 626، خيبرپختونخواهه 42 هزار 815، اسلام آباد ۾ 24 هزار 871، بلوچستان ۾ 16 هزار 529، آزاد ڪشمير 5 هزار 640 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 467 انگ ٿي ويو آهي.

Read Previous

گوگل ميپس ۾ ڪورونا جي حوالي سان وڌيڪ ٽولز جو اضافو

Read Next

پي ڊي ايم جو ايجنڊا ڪيسن کي ختم ڪرائڻ آهي: شبلي فراز

Most Popular