26 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ شهيد اسلام ڪانفرنس جي سلسلي ۾ جي يو آء سٽي جو اهم اجلاس ٿي گذريو

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري)26 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ شهيد اسلام ڪانفرنس جي سلسلي ۾ جي يو آء سٽي جو اهم اجلاس ٿي گذريو تفصيل موجب جمعيت علماء اسلام سٽي ڳڙھي خيرو جي مجلس عمومي جو اجلاس سٽي امير اسدالله حيدري جي صدارت ۾ مدرسه باب الھدي ۾ ٿي گذريو اجلاس کي جي يو آئي تعلقي جي امير مولانا سليم الله بروھي سرپرست اعلي مولانا خالق داد بروھي سٽي جنرل سيڪريٽري جان محمد جمالي عرفان علي لھر ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 26نومبر تي اسٽيڊيم لاڙڪاڻي ۾ شهيد اسلام ڪانفرنس ۾ ڳڙھي خيرو تعلقو انشاءالله ستر 70 گاڏين جو قافلو شرڪت ڪندو ۽ اها ڪانفرنس گذريل سڀني جلسن جا ريڪارڊ ٽوڙيندي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ڪانفرنس ثابت ٿيندي آخر ۾ جلسي جي ڪاميابي لاء دعا پڻ گهري وئي.

Read Previous

گڊو ايس ايڇ او منظور احمد لغاري جي ڪاروائي افغانستان مان پشاور ويندڙ 21 افغاني باشنده گرفتار ڪري ورتا

Read Next

مٽياري: سنڌ ترقي پسند پارٽي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي شهادت خلاف احتجاج

Most Popular