مٽياري: سنڌ ترقي پسند پارٽي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي شهادت خلاف احتجاج

مٽياري : سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي مٽياري پاران پارٽي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي شهادت خلاف مرڪزي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو ، عبدالفتاح ڳاهوٽي ، عبدالحڪيم نوحپوٽو . رحمت الله ترڪ . ملهار شدي ، رسول بخش سولنگي ، موسا لڙڪو ۽ لياقت سهتو جي اڳواڻي ۾ مٽياري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري ۾ وڏي تعداد ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن شريڪ هئا جيڪي شهيد اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قاتلن خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا مظاهرين کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي اڳواڻن جو چوڻ هو ته دهشتگرد تنظيم ايم ڪيو ايم جا ڪجھ دهشتگرد شهيد الطاف جسڪاڻي جي قتل ۾ ملوث آهن حڪومتي عملدار پاڻ پريس ڪانفرنس ڪري چئي رهيا آهن ته ( را ) طرفان ايم ڪيو ايم کي پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙڻ لاء فنڊنگ ڪري رهي آهي پوء ڪهڙا سبب آهن جو ايم ڪيو ايم جا غنڊا سرعام سرڪاري سرپرستي ۾ گهمي رهيا آهن اڳواڻن جو چوڻ هو ته ايس ٽي پي جي صبر کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي اسان جي قائد الٽيميٽم ڏنو آ ته 78 ڪلاڪن اندر شهيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ٽي پي پاڻ قاتلن کي ڳوليندي

Read Previous

26 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ شهيد اسلام ڪانفرنس جي سلسلي ۾ جي يو آء سٽي جو اهم اجلاس ٿي گذريو

Read Next

ضرورتمند ملڪن کي ڪورونا ويڪسين ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: روس

Most Popular