لاڙڪاڻي ۾ گهر بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي رائيس ڪنئال مان نڪرندڙ گهاڙ وارهه، آبڙو واهه ۽ ايريگيشن ڪالوني جي رهواسين شهر جي لاهوري ريگيوليٽر وٽ ڌرڻو هنيو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ۾ گهر بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي رائيس ڪنئال مان نڪرندڙ گهاڙ وارهه، آبڙو واهه ۽ ايريگيشن ڪالوني جي رهواسين شهر جي لاهوري ريگيوليٽر وٽ ڌرڻو هنيو جنهن ۾ عورتن پاڪ ڪتاب کڻي پنهنجي ٻارن سان گڏ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي گهر بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻن محمد قاسم چانڊيو، ذوالفقار علي چانڊيو، غلام قادر اهير، سليم اختر ميراڻي، محمد مٺل جوڻيجو، اختيار علي کرل، لال جان لاشاري، بخت سولنگي، بشير احمد خاصخيلي، اختر حسين لاڙڪ، شفيق احمد چانڊيو ۽ ٻين چيو ته اسين به هن ملڪ جا رهواسي 50 سالن کان وٺي گهاڙ واهه، آبڙو واهه ۽ ايريگيشن ڪالوني ۾ 10 هزار کان وڌيڪ گهر ٺاهي گهر ڀاتين سان رهائش اختيار ڪري ويٺا آهيون، سمورن رهواسين جو واسطو غريب ۽ هيٺين طبقي سان آهي جيڪي روز ڪمائي روز ٻن ويلن جي ماني کائن ٿا. هنن چيو ته آبپاشي کاتي طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي گهرن کي هيوي مشينري جي ذريعي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي عملدار هيوي مشينري ساڻ ڪري روانا ٿي ويا، هينئر به خدشو آهي ته ڪنهن به وقت اسان جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويندا تنهن ڪري اسين ٽن ڏينهن کان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون تنهن ڪري فوري طور گهر ڊاهڻ واري فيصلي کي ملتوي ڪيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي ڪيل فيصلي تي نظرثاني ڪري اسان کي بي گهر ٿيڻ کان بچايو وڃي، گڏوگڏ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ ۽جي وڏي وزير ۽ ٻين وارن کي اپيل آهي ته اسان جي آبادين کي مستقل ڪري مالڪاڻا حق ڏنا وڃن.

Read Previous

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڳچين ۾ سُڪل مانيون ٻڌي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو

Read Next

جي يو آئي طرفان 26 نومبر لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ شهيد اسلام ڪانفرنس حوالي سان استقباليه ڪيمپ لڳائي وئي

Most Popular