جي يو آئي طرفان 26 نومبر لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ شهيد اسلام ڪانفرنس حوالي سان استقباليه ڪيمپ لڳائي وئي

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري)جي يو آئي طرفان 26 نومبر لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ شهيد اسلام ڪانفرنس حوالي سان استقباليه ڪيمپ لڳائي وئي.مولانا سليم الله, مولانا خالقداد بروهي اسدالله حيدري ۽ ٻيا اڳواڻ ڪيمپ تي موجود.تفصيل موجب جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ طرفان شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو رح جي ياد ۾ 26 نومبر تي ميونسپل اسٽيڊيم لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ ساليانه شهيد اسلام ڪانفرنس جي سلسلي ۾ جمعيت علماء اسلام سٽي ڳڙهي خيرو طرفان استقباليه ڪيمپ لڳائي وئي. ان موقعي تي تعلقه سرپرست اعلي مولانا خالقداد بروهي, تعلقه امير مولانا سليم الله بروهي, سٽي امير اسدالله حيدري, حافظ محمد ياسر بروهي, محمد الياس بروهي ۽ ٻين اڳواڻ چيو ته 26 نومبر تي ميونسپل اسٽيڊيم لاڙڪاڻو ۾ ٿيندڙ شهيد اسلام, شهيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالدمحمود سومرو رح جي ياد ۾ شهيد اسلام ڪانفرنس لاء وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪندا ۽ ڪوبه غيرتمند سنڌي گهر ۾ نه ويهي بلڪه شرڪت ڪري انهن وڌيڪ چيو ته ايندڙ وقت ۾ اها ڪانفرنس پاڪستان ۽ بلخصوص سنڌ جي سياست ۾ بهترين اثرات مرتب ڪندي.

Read Previous

لاڙڪاڻي ۾ گهر بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي رائيس ڪنئال مان نڪرندڙ گهاڙ وارهه، آبڙو واهه ۽ ايريگيشن ڪالوني جي رهواسين شهر جي لاهوري ريگيوليٽر وٽ ڌرڻو هنيو

Read Next

ٻارن جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سندن عزت ڪرڻ ۽ سندن حقن جي حفاظت ڪرڻ آهي:مقبول راهو

Most Popular