پاناما ريفرنس: نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي ملتوي

اسلام آباد:   اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي گواهن جا بيان قلمبند ٿيڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ العزيزيه  ۽ ايون فيلد ريفرنس ۾ سزا جي خلاف نوازشريف جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. فليگ شپ ريفرنس ۾ نوازشريف جي بريت خلاف نيب اپيل تي به ٻڌڻي ٿي جڏهن ته ان عدالت ۾ نوازشريف کي العزيزيه اسٽيل مل ريفرنس ۾ احتساب عدالت طرفان ٻڌايل سزا ۾ واڌ جي لاءِ نيب جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف کي اشتهار ذريعي طلب ڪري رکيو هو پر عدالتي حڪمن جي باوجود نوازشريف پيش نه ٿيو. پرڏيهي آفيس پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته نوازشريف ڄاڻي واڻي عدالت ۾ پيش ناهي ٿي رهيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ بابت ڪارروائي ايندڙ ٻڌڻي تائين ملتوي  ڪندي چيو ته تسلي ڪريون ٿا ته نوازشريف کي حڪم نامي کان آگاهه ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي. ياد رهي ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف گذريل سال 19 نومبر کان لنڊن ۾ ترسيل آهي جتي ان جو علاج ۽ طبي معائنو جاري آهي.

Read Previous

ڪراچي جي واپارين سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ڪورونا ايس او پيز مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Read Next

بلدياتي چونڊون نه ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري

Most Popular