ڪراچي جي واپارين سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ڪورونا ايس او پيز مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

An overview of Bara market as people shop for supplies ahead of Ramadan in Rawalpindi, Pakistan, June 1, 2016. (Photo by Faisal Mahmood/Reuters)

ڪراچي:   ڪراچي جي واپارين سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نيون ڪورونا ايس او پيز کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي بولٽن مارڪيٽ ايسوسيئيشن حڪومت جي صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين ڪاروبار ڪرڻ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي بولٽن مارڪيٽ ايسوسيئيشن جي صدر جاويد قريشي جو چوڻ آهي ته ننڍا واپاري اڳ ئي بي وس ٿي چڪا آهن سنڌ حڪومت کي ڪيل فيصلن تي نظرثاني جي اپيل ڪريون ٿا. واپاري اڳواڻن جو چوڻ هو ته ملڪ جي معيشيت خاص طور تي ننڍا واپاري ان ايس او پيز تي عمل نٿا ڪري سگهن.  سنڌ حڪومت پاران ڏنل ٽائيم سبب  بازار ۾ رش وڌندي جنهن سان ڪورونا ڪيس تيزي سان وڌندا. جاويد قريشي جو چوڻ هو ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل نٿا ڪري سگهون. مزاحمت ڪرڻي پئي ته ڪنداسين. واپاري اڳواڻ رفيق جدون چيو ته ڪورونا سڄي ملڪ ۾ آهي. الله سڀني جي حفاظت ڪري. پر صبح 6 کان شام 6 وڳي تائين ڪاروبار کولڻ جو فيصلو انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. هن چيو ته ڪاروبار اڳ ئي ناهي مشڪل سان گذارو ٿي رهيو آهي سڄي شهر کي بند ڪرڻ مناسب ناهي. ياد رهي ته سنڌ حڪومت ڪورونا ڪيسن جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي نيون ايس او پيز جاري ڪري ڇڏيون آهن جنهن جي تحت ڪاروباري مرڪز صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين کولي سگهجن ٿا.

Read Previous

لاهور ۾ سي ٽي ڊي ٿاڻي تي خودڪش حملي جي ڪوشش ناڪام، هڪ دهشتگرد مارجي ويو

Read Next

پاناما ريفرنس: نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي ملتوي

Most Popular