زيادتي جي جوابدارن کي جنسي صلاحيت کان محروم ڪرڻ جو قانون آڻڻ جي منظوري

اسلام آباد : وفاقي ڪابينا زيادتي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزائن تي ٻڌل سفارشن جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڪجهه وفاقي وزيرن زيادتي جي جوابدارن کي ڦاهي جي سزا قانون جو حصو بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ڪجهه راءِ ڏني ته ريپ جي جوابدارن کي سرعام ڦاهيءَ تي ٽنگيو وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم زيادتي جي جوابدارن لاءِ ڪيسٽريشن (جنسي صلاحيت کان محروم ڪرڻ) جو قانون آڻڻ جي به اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته عوام جي تحفظ لاءِ واضح ۽ شفاف انداز ۾ قانون سازي ٿيندي، شروعاتي طور ڪيسٽريشن جي قانون ڏانهن وڃڻو پوندو. هن چيو ته قانون سازي ۾ ڪنهن قسم جي دير نه ڪنداسين، سخت کان سخت قانون لاڳو ڪرڻ يقيني بڻائينداسين ۽ متاثر عورتون يا ٻارڙيون بنا خوف ۽ خطري دانهون ڏئي سگهنديون، جڏهن ته متاثرن جي سڃاڻپ جي تحفظ جو به خاص خيال رکيو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته قانوني ٽيم ”ريپ قانون آرڊيننس“ جي مسودي تي ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي، عورت پوليسنگ، فاسٽ ٽريڪ ڪيس ۽ شاهدن جو تحفظ قانون جو بنيادي حصو هوندو.

Read Previous

لاڙڪاڻي شهر سميت آس پاس جي ننڊن توڙي وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سياري جي برسات جو پهريو وسڪارو شروع ٿي ويو

Read Next

آصف غفور سميت پاڪ فوج جي ڇهن ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون

Most Popular