آصف غفور سميت پاڪ فوج جي ڇهن ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون

راولپنڊي:  پاڪ فوج جي 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون ڏنيون ويون آهن.  آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته ترقي ماڻيندڙن ۾ اختر نواز، حسن اظهر حيات، آصف غفور، سلمان فياض، سرفراز علي ۽ محمد علي شامل آهن. ميجر جنرل آصف غفور کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي.  ميجر جنرل آصف غفور ان کان اڳ جي او سي اوڪاڙه مقرر هو. آصف غفور انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز(آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل به رهيو آهي. ان جو تعلق آرٽلري ڪور سان آهي. هن 1988ع ۾ پاڪستان فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪيو هو. کيس 15 ڊسمبر 2016ع تي ڊي جي آءِ ايس پي آر جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو ۽ ان دوران هو سوشل ميڊيا تي ڪافي مشهور رهيو هو فوج جي ترجمان جي حيثيت سان مختلف خبرن جي زينت به رهيو.

Read Previous

زيادتي جي جوابدارن کي جنسي صلاحيت کان محروم ڪرڻ جو قانون آڻڻ جي منظوري

Read Next

اڳوڻو وفاقي وزير ۽ فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular