اڳوڻو وفاقي وزير ۽ فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي:  سينئر سياستدان ۽ فنڪشنل ليگ جو اڳوڻو ايم اين اي فقير جادم مڱريو ڪورونا وگهي  فوت ٿي ويو. فقير جادم مڱريو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ بعد ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل هو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. جادم مڱريو جو مڙهه اڄ عمرڪوٽ نيو ويندو. جتي ايس او پيز تحت سندس تدفين ٿيندي. فقير جادم مڱريو مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جو نائب صدر هو ۽ ان جي لاڏاڻي جي تصديق پارٽي ترجمان طرفان به ڪئي وئي آهي. فنشڪنل ليگ ترجمان موجب فقير جادم مڱريو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هو.  واضح رهي ته فقير جادم مڱريو پ پ جي 2009 واري دور ۾ ريلوي جو وزير به رهي چڪو هو.  جادم مڱريو جي لاڏاڻي بعد حُر جماعت جي مريدن ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي.  جڏهن ته فقير جادم مڱريو جي وفات تي ڍورو نارو، پٿورو، چيلهار ۽ ٻيا ڀرپاسي وارا شهر ۽ علائقا سوڳ ۾ بند ٿي ويا آهن.

Read Previous

آصف غفور سميت پاڪ فوج جي ڇهن ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون

Read Next

پاڪستان ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت گڏيل قومن کي پيش ڪري ڇڏيا

Most Popular