اپوزيشن جلسا ملتوي ڪرڻ لاءِ حڪومت کي وڏي آڇ ڪري ڇڏي

اسلام آباد:  اپوزيشن جلسا ملتوي ڪرڻ لاءِ حڪومت کي وڏي آڇ ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب خانگي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي پ پ اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته وزيراعظم عمران خان جيڪڏهن اپوزيشن جي اڳواڻن نوازشريف ۽ آصف  زرداري کي فون ڪري ته جلسا ملتوي ڪري سگهون ٿا.  هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت کي ايتري فڪر آهي ته وزيراعظم کي گهرجي ته هو مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين اپوزيشن پارٽين جي اڳواڻن سان رابطو ڪري. پ پ اڳواڻ چيو ته اپوزيشن ماضي ۾ ملڪ جي خاطر بهتر ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۽ خادم حسين رضوي جي اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي موقعي تي مخالف ڌر بهتر ڪردار ادا ڪيو هو. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي  معاملي تي اپوزيشن قومي ذميواري ادا ڪئي هئي. ڇا هاڻ وزيراعظم هڪ فون به نٿو ڪري سگهي. پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ همايون اختر  چيو ته حڪومت ۾ انا جو مسئلو ناهي اپوزيشن انا پرست آهي. همايون اختر چيو ته پاڪستان جي حڪومت عوامي ميڙن بابت فيصلو ڪري ورتو آهي.  جيڪڏهن اپوزيشن جلسا، جلوس ڪندي ته قانون موجب قدم کنيا ويندا. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ملڪ احمد چيو ته حڪومت اپوزيشن سان ڪڏهن به ڳالهيون نه ڪندي، وزيراعظم ڪورونا بابت صرف بيان ڏئي رهي آهي ان وٽ بهتر حڪمت عملي ناهي.

Read Previous

ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ کان پوءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس نه گهرائڻ جو فيصلو

Read Next

نيوزيلينڊ جو گريگ بارڪلي آءِ سي سي جو نئون چيئرمين چونڊجي ويو

Most Popular