ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ کان پوءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس نه گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد:  پارلياماني ڪميٽي ڪورونا وبا جي ٻئي لهر سبب سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس نه گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. قومي اسيمبلي جي اسد قيصر جي صدارت هيٺ پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسد عمر، بابر اعواڻ، علي محمد خان ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته اپوزيشن جي ڪنهن به نمائندي شرڪت نه ڪئي. ڪميٽي صلاح مشوري کان پوءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس نه گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.   قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اپوزيشن پارٽين کي ڪورونا بابت پارلياماني ڪميتي  جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي ها. اسان کي ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي گڏيل فيصلا ڪرڻ گهرجن. مان اپوزيشن سان پاڻ رابطو ڪيو ۽ اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي. هاڻ اپوزيشن جي انڪار جو سبب هو پاڻ ٻڌائي سگهن ٿا.  ڪجهه فيصلا قومي اهميت جا حامل هوندا آهن جنهن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. اين سي او سي  اختيارين طرفان اجلاس  کي ڪورونا بابت بريفنگ ڏيندي چيو ويو ته ڪورونا جي ٻئي لهر ۾ تيزي اچي وئي آهي. عوام کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ احتياطي تدبير اختيار ڪئي وڃي. اسد عمر چيو ته اپوزيشن جي جلسن  ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجي رهي آهي ۽ اپوزيشن عوام جي زندگين سان کيڏي رهي آهي قومي قيادت کي پنهنجي طرز عمل کي بدلائڻو پوندو.  اسان کي ماڻهن کي سمجهائڻو آهي. ايس او پيز تي عمل ڪرڻو آهي. ڇو ته ٻئي لهر تمام گهڻي خطرناڪ آهي ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهو اسپتالن ۾ وڃي رهيا آهن جنهن سان روزگار به متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.

Read Previous

پاڪستان ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت گڏيل قومن کي پيش ڪري ڇڏيا

Read Next

اپوزيشن جلسا ملتوي ڪرڻ لاءِ حڪومت کي وڏي آڇ ڪري ڇڏي

Most Popular