نيوزيلينڊ جو گريگ بارڪلي آءِ سي سي جو نئون چيئرمين چونڊجي ويو

دبئي: نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو چيف ايگزيڪٽو گريڪ بارڪلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو  نئون چيف چونڊجي ويو آهي.  آڪلينڊ سان تعلق رکندڙ گريگ بارڪلي هڪ مشهور ڪمرشل لائر ۽ 2012 کان نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ لاءِ بطورچيف ايگزيڪٽو جو ڪم ڪري رهيو آهي. آءِ سي سي جو چيئرمين چونڊجڻ کان پوءِ هو اهو عهدو ڇڏي ڏيندو. گريگ بارڪلي حمايت ڪرڻ تي ميمبرن جو ٿورو ادا ڪندي راندين کي هٿي ڏيارڻ جي لاءِ  گڏجي ڪم ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي آهي ته عالمي ڪرڪيٽ ۾ ڪورونا  وبا سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. بارگلي وقتي چيئرمين جي طور تي ڪم ڪندڙ عمران خواجه جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته هن مشڪل وقت ۾ معاملا سٺي طريقي سان هلايا آئينده به ان جي تجربي مان فائدو کڻنداسين.

Read Previous

اپوزيشن جلسا ملتوي ڪرڻ لاءِ حڪومت کي وڏي آڇ ڪري ڇڏي

Read Next

اداڪارا رباب هاشم شاديءَ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون

Most Popular