لاڙڪاڻو : پاڪستان سني تحريڪ سنڌ جي وفد طرفان لاڙڪاڻي پهچي ضلعي صدر سان ملاقات ڪئي وئي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) پاڪستان سني تحريڪ سنڌ جي وفد طرفان لاڙڪاڻي پهچي ضلعي صدر سان ملاقات ڪئي وئي. ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن پي ايس ٽي سنڌ جي صوبائي صدر مولانا نور احمد قاسمي، جنرل سيڪريٽري خالد حسين عطاري ۽ ٻيا اڳواڻ لاڙڪاڻي پهچي ضلعي صدر مولانا شمس الدين سروهي سان سندس رهائشگاھ تي ملاقات ڪئي وئي. ان موقعي تي مٿين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2 جنوري 2021ع تي ڪراچي جي نشتر پارڪ ۾ ٿيندڙ جانثار مصطفيٰ ﷺ ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ کان عاشقان رسول ﷺ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا، جنهن سلسلي ۾ اڄ پي ايس ٽي جو وفد لاڙڪاڻي پهتو آهي، جڏهن ته جلسي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مختلف شهر جا دورا ڪري گڏجاڻي ۽ اجلاس ڪوٺايا ويندا. هنن چيو ته پاڪستان سني تحريڪ ملڪ جي واحد جماعت آهي، جيڪا هر وقت ملڪ اندر امن و امان قائم ڪرڻ جي ڳالھ ڪندي آهي، جڏهن ته اسان پنهنجي پاڪ فوج سان گڏ آهيون ۽ ملڪ جي خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. ان موقعي تي محمد شريف مکڻو، عبدالمصور سروهي، آصف علي سروهي، جنيد احمد حسيني، محمد اعجاز قادري، مبشر حسين سروهي ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. هوڏانهن پي ايس ٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر مولانا شمس الدين سروهي طرفان آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت سنڌي اجرڪ جا تحفه پيش ڪيا ويا

Read Previous

لاڙڪاڻي ۾ سماجي تنظيم طرفان 150 غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ٻارڙن جا طوهر سنت ڪرائي کين دوائون توڙي ٻيو سامان ڏنو ويو

Read Next

سنڌ جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ هميشه جنگ جوٽي، اسلام ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي حقن خاطر جام شهادت ماڻي: مولانا راشد خالد محمود سومرو

Most Popular