محرابپور جي شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي مک قاتل ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف نوشھروفيروز م احتجاج

نوشھروفيروز(ڊ ر) محرابپور جي شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي مک قاتل ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف نوشھروفيروز م احتجاج نوشهروفيروز ۾ انصاف چونک کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي محمد يونس راڄپر، ، مشتاق مری قاضی ذوالفقار غلام مصطفی تڳر، مظھر خاصخیلی زاھد راجپر  ممتاز سولنگی فقیر میھر بھٹ  سھیل راجپر ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا۔ اڳواڻن جو چوڻ هو ته افسوس جي ڳاله آھي ته ڪيترائي مهينا گذري ويا آھن پر شھيد عزيز ميمڻ جو مک قاتل مشتاق سهتو کي هن مهل تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو۔ ان کان علاو ضلعي جاصحافي پڻ عدم تحفظ جو شڪار آھن ۽ انهن کان گاڏيون ڦر ٿيڻ سميت ٻين ناانصافين جو سلسلو هلندڙ آھي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته نوشھروفيروز پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ پوري طرح ناڪام ٿي چڪي آھي۔ هنن چتاء ڏيندي چيو ته جيڪڏهن شهيد عزيز ميمڻ جو مک قاتل مشتاق سهتو کي گرفتار نه ڪيو ويو ۽ صحافين سان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو نه ڪيو ويو ته سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هنيو ويندو۔

Read Previous

سيوهڻ شريف ۽ ڀان سيدآباد شھر ۾ شراب بغير لائسنس جي ۽ منشيات جو ڪاروبار شراب سرعام وڪرو ٿيڻ لڳو

Read Next

نوشهروفيروز: قدرتي طور هڪ ٻانهن کان وقار حسين قريشي نوڪري جي اپيل ڪندي

Most Popular