ڪڻڪ اسڪينڊل سان هاري جو تمام وڏو نقصان ٿيو، مسئلو حل ڪيو وڃي: خورشيد شاهه

سکر: (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ڪڻڪ اسڪينڊل سان هارين کي تمام وڏو  نقصان پهتو آهي، منهنجي سنڌ  ۽ پنجاب حڪومت کي اپيل آهي ته اهي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري ڪڻڪ جي مسئلي کي حل ڪري.

سکر ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته فيض آباد ڌرڻي ڪميشن ۾ جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ڪنهن ڌر کي ڪلين چٽ ڏئي ٿي ته مان ان تي ڳالهائي نٿو سگهان.

هن چيو ته ڪڻڪ اسڪينڊل جي ڪري هارين سان وڏو ظلم ٿيو آهي، هارين  کان ڪڻڪ خريد ڪري انهن کي سٺو منافعو ڏنو وڃي. وفاقي حڪومت طرفان پ پ کي حڪومت ۾ اچڻ جي دعوت جي سوال تي خورشيد شاهه چيو ته مان  ڪالهه اسلام آباد مان آيو آهيان ان حوالي سان مون کي ڪجهه خبر نه آهي. وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو پارٽي ڪندي ته اهي شامل ٿيندا يا نه.

پ پ اڳواڻ چيو ته قانون کي معطل ڪرڻ جي لاءِ جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ڪو آرڊر ڪري ٿي ته ان کي قانون بنائڻ جي لاءِ هڪ دفعو ٻيهر پارليامينٽ کڻي وڃڻو پوندو.

Read Previous

ورلڊ لافٽر ڊي، ڪاجول پرستارن لاءِ مزاحيا وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

Read Next

پاڪستان پاران خلا ۾ اماڻيل سيٽلائيٽ آءِ ڪيوب قمر چنڊ جي مدار ۾ داخل ٿي ويو

Most Popular