اسٽيل ملز جي ملازمن کي هٽائڻ بجاءِ عمران خان کي هٽائڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته اسٽيل ملز جي ملازمن بجاءِ عمران خان کي هٽائڻ گهرجي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بي رحم حڪومت اسٽيل ملز جي ساڍا چار هزار ملازمن کي نوڪرين تان هٽائي ڇڏيو. پاڪستان پيپلز پارٽي هٽايل اسٽيل ملز جي ملازمن کي بحال ڪندي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته هن تاريخي صنعتي اثاثي جي ايراضي جا مالڪ سنڌ جا رهواسي آهن. تحريڪ انصاف کي هن معاشي قتل کان ڄاڻي واڻي جان ڇڏائڻ نه ڏينداسين. اسٽيل ملز جي ملازمن کي هٽائڻ بجاءِ عمران کي هٽائڻ گهرجي.

Read Previous

نيوزي لينڊ ۾ قومي اسڪواڊ جي هڪ ٻئي ڪارڪن جو ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي ويو

Read Next

ٻن سالن ۾ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جي ڪڏهن به ڳالهه ناهي ڪئي: وزيراعظم

Most Popular