ٻن سالن ۾ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جي ڪڏهن به ڳالهه ناهي ڪئي: وزيراعظم

عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون 2 سالن ۾ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جي ڪابه ڳالهه ناهي ڪئي. انشاءَالله پنجن سالن ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ نوڪريون عوام کي ضرور ڏينداسين. رپورٽ موجب خانگي چينل جي ميزبان کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ ماڻهن کي انشاءَالله پنج سالن ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ نوڪريون ملنديون ۽ گهر به 50 لک کان مٿي ٺاهي ڏينداسين.  مان اهو واعدو 2 سالن ۾ پورو ٿيڻ جي ڳالهه ئي ناهي ڪئي. اهي سڀ ڪم پنجن سالن ۾ ڪيا ويندا. جهانگير ترين بابت سوال تي وزيراعظم چيو ته اڃان جاچ هلي رهي آهي. ان جي باري ۾ هن وقت ڪجهه نٿو ٻڌائي سگهان.

Read Previous

اسٽيل ملز جي ملازمن کي هٽائڻ بجاءِ عمران خان کي هٽائڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

جاتي امراءَ ۾ شريف ڀائرن جي امڙ شميم اختر جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

Most Popular