جاتي امراءَ ۾ شريف ڀائرن جي امڙ شميم اختر جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ شهباز شريف جي امڙ بيگم شميم اختر جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. علامه راغب نعيمي جنازي جي نماز پڙهائي ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.  بيگم شميم اختر جو مڙهه لنڊن مان صبح جو سوير لاهور پهتو. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ تي مڙهه کي وصول ڪيو. بيگم شميم اختر جو مڙهه پرڏيهي اڏام 259 جي ذريعي لاهور منتقل ڪيو ويو. بيگم شميم اختر 22 نومبر تي لنڊن ۾  لاڏاڻو ڪري وئي هئي. آچر تي قرآن خواني ۾ صرف خاندان جا ماڻهو شرڪت ڪندا. ٻئي طرف شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي  بيگم شميم اختر جي تدفين لاءِ 5 ڏينهن جي لاءِ پيرول تي آزاد ڪيو ويو آهي. حڪومتي نوٽيفڪيشن موجب شهباز شريف ۽ حمزه شهبازکي 27 نومبر  کان پهرين ڊسمبر تائين آزاد ڪيو ويو آهي. ٽيليفون تي ڪيل رابطي ۾ نوازشريف شهباز کي پنهنجي صحت جو خيال رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. هوڏانهن آزادي کان پوءِ مريم نواز شهباز شريف کي ٽيليفون ڪري ڏاڏي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اطهار ڪندي چيو ته چاچا هن وقت اسان ڏکيو وقت آهي. حڪومت منهنجي ڏاڏي ۽ اوهان جي امڙ جي وفات کي به مستقل سياسي رنگ ڏئي رهي آهي. اسان ڪڏهن به ڪنهن جي ڪردار ڪشي نه ڪئي آهي ۽ نه ڪنداسين. ياد رهي ته بيگم شميم اختر کي جاتيءَ امراءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جتي  سندس مرحوم مڙس ميان شريف، پٽ عباس شريف جي مرحوم زال ڪلثوم نواز به دفن ٿيل آهي.

Read Previous

ٻن سالن ۾ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جي ڪڏهن به ڳالهه ناهي ڪئي: وزيراعظم

Read Next

سڄي دنيا جي معيشت ويهي رهي پر پاڪستان ۾ صورتحال بهتر آهي: اسد عمر

Most Popular