قاضي احمد : دوست محمد ڪالوني ۾ رھندڙ پورهيت غلام نبي عرف ڪالو پراسرار بيماري وگھي زندگي ۽ موت جي جنگ وڙھي رھيو آھي

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي) قاضي احمد جي رھائشي علائقي دوست محمد ڪالوني ۾ رھندڙ پورهيت غلام نبي عرف ڪالو  پراسرار بيماري وگھي زندگي ۽ موت جي جنگ وڙھي رھيو آھي انتحائي غربت مفلسي لاچاري ۽ بيوسي واري زندگي گهاريندڙ مذڪوره پورهيت ھوٽل تي ماني پچائي ٻچن جو پيٽ پاليندو ھو پر گذريل ڇھن مھينن کان بيماري جي بستري تي پيل آھي بيماري وگهي هلڻ ۽ پورهيو ڪرڻ واري سگھ پڻ وڃائي ويٺو آھي اجهي کان آجو پورھيت هڪ ڪرائي جي گھر ۾ رهي ٿو سندس جا معصوم ٻارڙا بک بدحالي لاچاري واري زندگي گهارڻ تي مجبور آھن ان سلسلي ۾ بيماري سبب کٽ ڀيڙو ٿيل پورهيت غلام نبي  اکين مان لڙڪ ھاريندي ٻڌايو ته بيماري جي ڪري مزدوري به نه ٿو ڪري سگهان هنجون هاريندي ٻڌايو ته بيروزگاري ۽ بيماري ڪري گهر ۾ ڪجھ به نه هجڻ ڪري گذريل پنج ڏھاڙن کان ٻچا بکن تي آھن هن اکين مان ڪرندڙ لڙڪ روڪيندي چيو ته بيوسي لاچاري توڙي بيماري هوندي ڪنهن به سماجي ,سياسي توڙي انسان دوست ڪا به مدد ناهي ڪئي هن وس وارن انساني خدمت ڪندڙ توڙي سماجي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته منهنجي مدد ڪري علاج ڪرايو وڃي ته جئين ٻچن جو پيٽ پالي سگهان ,,

Read Previous

سنڌ جي عظيم درسگاھ ۽ لائبريري محمد بخش مهر لائبرري سڪرنڊ ۾ علمي .ادبي گڏجاڻي ۽ مشاعري جو اهتمام ڪيو ويو

Read Next

ڪنڌرا لڳ شهر داراواهن جي سرڪاري اسپتال عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل عملي جي طرفان مريضن سان اڍنگي رويي سبب اسپتال جو ماحول بگڙجڻ لڳو عوام سخت پريشانيءَ جو شڪار

Most Popular