ميھڙ: سنڌ پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين طرفان سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪ ء سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت ھيٺ سنڌ پريس ڪلب ميھڙ جي آفيس م ثقافتي پروگرام منعقد

ميھڙ (ميربابا) سنڌ پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين طرفان سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪ ء سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت ھيٺ سنڌ پريس ڪلب ميھڙ جي آفيس م ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو. آيل مھمانن کي سنڌ پريس ڪلب ميھڙ جي عھديدارن ۽ ميمبرن سنڌ جي ثقافت ٽوپين اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا .ڪارروائي سنڌ پريس ڪلب ميھڙ جي فيصلا ڪاميٽي چيئرمين عاجز اصغر سوڍر پاران ھلائي .تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي. سنڌ پريس ڪلب ميھڙ جي صدر ايم ڊي لاشاري آجياڻي تقرير ڪندي  چيو ته سڀني آيل مھمانن جو شڪرگذار آهيان جن سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪ جي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي.ھن چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهي ڪنھن ڌر کي وڪري ڪرڻ نه ڏينداسين ء سنڌ جا ٻيٽ وفاق جي حوالي ڪرڻ جي به اجازت نه ڏينداسين سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪ جو ڏھاڙو  6 ڊسمبر تي زور شور سان ملھائيداسين . تقريب ۾ ڪي ٽي اين جو سينٽر صحافي آزاد انور ڪانڌڙو، پ پ پ اڳواڻ سرائي ذوالفقار علي سيال . ميھڙ پريس ڪلب صدر نياز ڀٽي . جنرل سيڪريٽري سينيئر صحافي جميل احمد مھيسر مھراڻ ٽي وي جو عيوضي رياض چانڊيو، مولوي ياسين اشرفي،پ پ پ اڳواڻ رئيس اطھر حسين جانوري .رئيس وسيم جانوري ايڊووڪيٽ منور علي جتوئي، ايڊووڪيٽ شير علي چانڊيو، ايڊووڪيٽ محمد علي ڪانڌڙو . سائين شفيق احمد چنہ ايس يوپي اڳواڻ  عبدالحميد سومرو .حاجي خان مارفاڻي .اڪبر سوڍر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جا آھن ڪنھن کي بہ طاقت ناھي جو وڪرو ڪري سگھن سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن ڪنھن کي بہ اجازت نه ھوندي سنڌ جي عوام جي رضامندي کان سواءِ ڪو عمل ڪري نہ سگھندا . ھنن وڌيڪ چيو ته  سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪ پٽڪو ھزار سالن کان سنڌ جي پراڻي روايت رھي آهي .اجرڪ ٽوپي اسان ميلن ملاکڙن ء شادين مرادين م شوق سان پائيندا آھيون .ء محفلون سجائي آيل مھمانن کي سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪ جا تحفا ڏيندا آھيون .ان موقعي تي سنڌ پريس ڪلب ميھڙ جو باني الاھي بخش چانڊيو، سرپرست فيض پنھور . صدر ايم ڊي منير لاشاري . نائب صدر راجا جان محمد جانوري . جنرل سيڪريٽري پرويز علي ھالو. پريس سيڪريٽري واجد علي مھيسر . خزانچي مظھر علي ڀٽو . آڊيٽر مير مختيار علي آگرو . آفيس سيڪريٽري ابراهيم چانڊيو . نصرالله سولنگي .مير رياض  سومرو . گڏجاڻي۾ موجود ھئا .

Read Previous

سکر: پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سکر جي ليڊيز ونگ جو اجلاس سيد شفقت علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو

Read Next

سکر: ڏيڍ سال اڳ مبينا اغوا ٿيل عورت پاران جوابدار جي گرفتاري لاء احتجاج

Most Popular