سکر: ڏيڍ سال اڳ مبينا اغوا ٿيل عورت پاران جوابدار جي گرفتاري لاء احتجاج

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) ڏيڍ سال اڳ مبينا اغوا ٿيل عورت پاران  جوابدار جي گرفتاري لاء احتجاج۔ ڏوھاري بااثر ھجڻ ڪري ڌمڪائڻ ٿا ۔ تفصيل موجب سکر جي سوسائٽي جي دھلي مسلم ڪالوني جي رھواسڻ عورت رخسانا ٻرڙو  نياڻي سويرا ۽ گهر ڀاتين  سان گڏ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو آھي ته جوابدار آصف علي سومرو ھٿيارن جي زور تي ساٿين سان گڏجي اغوا ڪري ڏيڍ سال تائين زيادتي جو نشانو بڻائيندو رھيو۔ ھن چيو ته جوابدار اغوا ڪري مختلف ھنڌن تي باندي بڻائي تشدد پڻ ڪندو ھو وجھ وٺي فرار ٿي گھر پھتي آھيان ، متاثر عورت جو چوڻ هو ته جوابدار  کين ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي جنهن ڪري گھر ڀاتين سميت سندس حياتي خطري ۾ آھي هن اعليٰ اختيارن کان گهر ڪئي آھي ته جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي ـ

Read Previous

ميھڙ: سنڌ پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين طرفان سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪ ء سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت ھيٺ سنڌ پريس ڪلب ميھڙ جي آفيس م ثقافتي پروگرام منعقد

Read Next

تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻ علامه خادم حسين رضوي جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ سانگهڙ شهر ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي آفيس ۾ تعزيتي گڏجاڻي رکي وئي

Most Popular