تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻ علامه خادم حسين رضوي جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ سانگهڙ شهر ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي آفيس ۾ تعزيتي گڏجاڻي رکي وئي

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻ علامه  خادم حسين رضوي جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ سانگهڙ شهر ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي آفيس ۾ تعزيتي گڏجاڻي رکي وئي جنهن ۾ مولانا خادم حسين رضوي کي لفظن جي ڀيٽا ڏني وئي گڏجاڻي ۾ مولانا شاهد سڪندر، مولانا جمال قادري، غلام مصطفي وساڻ،مولانا نواب علي راڄڙ، ناز چاڪراڻي، جلال مري، مير شاهد ٽالپر ،مولانا سائيداد وساڻ، گڊو ۽ ٻين شرڪت ڪئي لبيڪ يا رسول الله جي نعرن جي گونج سان تقريب جي شروعات ڪئي علامه خادم حسين رضوي جي ياد ۾ عالمن خطاب ڪيو ۽ نعت خوانن نعتون پڙهيون  آخر ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ خادم حسين رضوي جي لاءِ دعا گهري وئي ۽ لنگر تقسیم ڪيو ويو

Read Previous

سکر: ڏيڍ سال اڳ مبينا اغوا ٿيل عورت پاران جوابدار جي گرفتاري لاء احتجاج

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ عباسي خاندان طرفان ڪوٽ وليد داراب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو 53 هون يوم تاسيس جو ڏهاڙو ملهائي تقريب ڪوٺائي وئي

Most Popular