مٽياري . رپورٽ . اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري پاران ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪاروايون ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ هڪ هوٽل ۽ 4 دڪان سيل ڪيترن ئي دڪاندارن تي ڏنڊ

مٽياري . رپورٽ . اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري پاران ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪاروايون ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ هڪ هوٽل ۽ 4 دڪان سيل ڪيترن ئي دڪاندارن تي ڏنڊ . ڪرونا هڪ خطرناڪ وبا آهي جنهن کان بچاء جو واحد رستو احتياط آهي حڪومتي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪاروايون ٿينديون .. عبدالمجيد زهراڻي   تفصيل موجب مٽياري ۾ ڪرونا جي وڌندڙ ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاء ضلعي حڪومت جي درخواست تي ڏهن ڏينهن لاء لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايس او پيز تحت شام 8 وڳي تائين دڪان کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي ان هوندي به دڪاندارن پاران ايس او پيز جي ڀڃڪڙي جي شڪايتن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زهراڻي مٽياري شهر ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪاروايون ڪيون اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙ مڊوي هوٽل سميت درزين ڪيرم بورڊ ۽ رپيئرنگ جا 4 دڪان سيل ڪري ڇڏيا جڏهن ته ڪيترن ئي دڪاندارن کي وارننگ ڏيندي ڏنڊ وصول ڪيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ هو ڪرونا هڪ خطرناڪ وبا آهي جنهن کان بچڻ جو واحد حل احتياط آهي ۽ احتياط لاء حڪومت پاران ڏنل ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ۾ آهي ۽ اسان جو ڪم آهي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جيڪو به دڪاندار ايس او پيز تي عمل نه ڪندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي اڄ جي ڪاروائي به ان جو حصو آهي اڄ ھڪ هوٽل سميت ڪجھ دڪان سيل ڪيا آهن ڪجھ دڪاندارن تي جرمانو لڳايو آهي پر آئينده ان حوالي سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ خد شهرين جي فائدي ۾ آهي

Read Previous

پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو سٽي طرفان المرتضيٰ هائوس ۾ 53 هيون يوم تاسيس جي تقريب ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو

Read Next

لاڙڪاڻي : نصير آباد جي ڳوٺ مڏا ڏيرا جي رهواسي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن طرفان بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

Most Popular