نوشهروفيروز ۾ ٺيڪيدارن جو ايجوڪيشن ورڪس جي عملدارن جي رشوت خوري خلاف احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز  :  نوشهروفيروز ۾ ٺيڪيدارن جو ايجوڪيشن ورڪس جي عملدارن جي رشوت خوري خلاف احتجاجي مظاهرو , ٺيڪيدارن ايجوڪيشن ورڪس جي انجنيئر ۽ ايس ڊي او جي آفيس کي بند ڪري گيٽ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ان موقعي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي ٺيڪيدارن جي اڳواڻي ڪندڙن محمد نوح پنهور , شاجهان ميمڻ , رياض حسين ڪورائي ۽ ٻين چيو ته ايجوڪيشن ورڪس جو اڳوڻو انجنيئر عبدالمجيد ميمڻ جنهن جي دور ۾ ٻه مهينا اڳ اين آء ٽي ٿي جنهن جي ورڪ آرڊر لاء انجنيئر ڏي ويا سين ته هو پهريان ته اسان سان ملڻ لاء تيار نه هو پر جڏهن مليو ته ڊاريڪٽ چوي ٿو ته ٻارنهن پرسنٽ ڏيو جي نه ته ڪم ناهي جيڪا وڏي زيادتي آهي اسان ٺيڪيدارن سان هنن چيو ته اسان انجنيئر جي اهڙي عمل جي ڊي سي کي دانهن ڏني جنهن به اسانجي دانهن نه ورنائي ۽ انجنيئر ساڳي رٽ قائم ڪيو ويٺو جنهن ڪري اسان جي ٻچڙن جي روزي نه پئي ٿئي اڳ ئي هر شيء آسمان سان ڳالهيون پر ڪري ٻارنهن پرسنٽ ورڪ آرڊر تي انجنيئر کي ڏيون ته پيٽ گذر ڪيئن ڪيون هنن مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ ۽ راشي انجنيئر مجيد ميمڻ خلاف قدم کڻي انڪوائري ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

Read Previous

لاڙڪاڻي ڀرسان تعلقي باقراڻي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 24 سالا نوجوان فوت

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ثقافت جي حوالي سان سوشل ورڪر سرور سنڌو سومرو طرفان پنهنجي ٽيم سان لائبريري چوڪ وٽ سنڌ جي ثقافت سنڌي اجرڪ جو جهنڊو ڦڙڪائي تقريب منعقد

Most Popular