روزاني آس سميت سمورن سنڌي اخبارن توڙي ٽي وي چينلن پاران سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو ” سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت “ جي نانءُ سان انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

سڪرنڊ (رپورٽ ) روزاني آس سميت سمورن سنڌي اخبارن توڙي ٽي وي چينلن پاران سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو ” سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت “ جي نانءُ سان انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو مختلف تنظيمن پاران سنڌي ويس پائي جهمرين . قومي گيتن ۽ هوجمامو جي رقص سان ريليون ڪڍيون ويون جيڪي وقفي وقفي سان قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي گڏ ٿينديون ويون جتي هڪ ميلي جو سماءُ هو هر طرف سنڌي اجرڪ ، پٽڪو ۽ سنڌي ٽوپين جي جهرمر هئي هئي ان دوران قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي هزارين ماڻھن جو ميڙ جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو جنهن کي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراھ سيد زين شاھ خطاب ڪندي چيو ته ثقافت رڳو ٽوپي ۽ اجرڪ جو نالو ناهي بلڪه سنڌي ثقافت ۾ قومي شعور جو هجڻ ۽ قومي غيرت رکي ڀاڙين کي سڃاڻڻ به ثقافت آهي ۽ اها ثقافت اسان جي غيرتمند سنڌي قوم اڳي به نڀائي چڪي آهي ماضيءَ ۾ جڏھن سنڌ جو نالو ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پي وئي تڏ

Read Previous

ڳڙھي خيرو:پوري سنڌ جيئان ڳڙھي خيرو ۾ به سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن ملهايو ويو,قومي عوام تحريڪ پاران شاندار ريلي ڪڍي وئي, ڪراچي سنڌ آھي ۽ هڪ سنڌ هڪ ثقافت جا نعرا لڳايا ويا

Read Next

سنڌ سان اهڙي جند جُڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا: سڄي سنڌ ۾ ڌرتي ڌڻي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، ڪشمور ۾ به اڄ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ هر طرف ٽوپي ۽ اجرڪ جي بهار هئي هر شخص ثقافتي رنگ ۾ رنگجي ويو

Most Popular