ملڪ ۾ منشيات جو واهپو تيزي سان وڌي رهيو آهي، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

عمران خان

اسلام آباد:   وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن ۽ منشيات سان پئسو ٺاهڻ جو نقصان معاشري کي پهتو. اهڙي طرح جي ناجائز طريقي سان پئسو ڪمائيندڙن کي  معاشري جو تسليم ڪرڻ بدقسمتي آهي. اي اين ايف هيڊ ڪوارٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضي ۾ مڻسيات جي خاتمي بابت قدمن تي ڌيان ناهي ڏنو ويو. افغان جهاد جي وقت پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ڊرگز جو ٻڌو. افغانستان مان پاڪستان ۾ منشيات آئي ۽ اڳيان ويندي هئي. 80 جي ڏهاڪي ۾ جنهن منشيات مان پئسو ٺاهيو ان کي غلط سمجهيو ئي ناهي ويو. ڪرپشن ۽ منشيات مان پئسو ٺاهيندڙ معاشري ۽ ملڪ کي نقصان پهچايو. ڪرپشن ۽ منشيات پوري معاشري لاءِ ناسور آهن. ماضي ۾ منشيات ۽ ڪرپشن جي پئسي مان ڪيترائي ماڻهون چونڊون به کٽيا. ناجائز طريقي سان ڪمايل پئسن مان معاشري کي تسليم ڪرڻ بدقسمتي آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ 70 لک ماڻهو منشيات جا  عادي بڻجي چڪا آهن.  گهر ۾ هڪ به منشيات جو عادي هجي ته اهو گهر کي ئي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي.  ڏک جهڙي خبر اها آهي ته ڊرگ آئس تعليمي ادارن ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي۽ هاڻ اهو دائرو يونيورسٽيز تائين پکڙجي چڪو آهي. منشيات ڊسيپلين کي متاثر ڪندي آهي. ڪردار ئي بدلائي ڇڏيندي آهي. صرف پوليس  ذريعي ڏوهن جي خلاف جدوجهد نٿي ڪري سگهجي. مان چاهيان ٿو ته ڊرگ ۽ ڪرپشن جي خلاف معاشرا ملي ڪم ڪن. اسان کي نوجوان نسل کي نشي جي لعنت کان بچائڻو آهي. منشيات فروشي جي خلاف گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

Read Previous

وفاق صوبن کي سياسي ۽ مذهبي پارٽين جي هٿياربند جٿن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي

Read Next

ڀارت غلطيءَ سان ڪنٽرول لائن پار ڪندڙ ٻه ڀينرون پاڪستان حوالي ڪري ڇڏيون

Most Popular