ڀارت غلطيءَ سان ڪنٽرول لائن پار ڪندڙ ٻه ڀينرون پاڪستان حوالي ڪري ڇڏيون

اسلام آباد : ڀارت غلطيءَ سان ڪنٽرول لائن پار ڪندڙ ٻن ڀيڻن کي پاڪستان حوالي ڪري ڇڏيو.گذريل ڏينهن آزاد ڪشمير جي علائقي عباس پور جون ٻه ڀيڻون ثنا زبير ۽ لائبه زبير غلطي سان ايل او سي پار ڪري والاريل ڪشمير هليون ويون هيون، جتي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز کين حراست ۾ وٺي ڇڏيو هو.ڀارتي اختيارين اڄ ٻنهي نارين کي راولا ڪوٽ پونڇ ڪراسنگ پوائنٽ تي پاڪستاني اختيارين حوالي ڪيو آهي.پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پاڪستان طئي ٿيل طريقي ڪار تحت ڇوڪرين جي واپسيءَ جو معاملو ڀارتي اختيارين سان اٿاريو هو.

Read Previous

ملڪ ۾ منشيات جو واهپو تيزي سان وڌي رهيو آهي، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

Read Next

نوشهروفيروز: ڳوٺ مولاداد مري جي رهواسين پاران گهرن تي چڙهائي ڪري 4 ڄڻن کي بيگناهه زخمي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular