نوشهروفيروز: ڳوٺ مولاداد مري جي رهواسين پاران گهرن تي چڙهائي ڪري 4 ڄڻن کي بيگناهه زخمي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

نوشهروفيروز(ڊ ر) ڳوٺ مولاداد مري جي رهواسين پاران گهرن تي چڙهائي ڪري 4 ڄڻن کي بيگناهه زخمي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن عبدالرئوف مري، مولوي عبدالرشيد، مير محمد مري، غلام نبي مري ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته 4 مهينا اڳ مال جي ڀيل تان جوابدار عبدالستار، عبدالقيوم، عبدالوهاب، عبدالحئي مري جيڪي ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن هنن گهرن تي چڙهائي ڪري هٿيارن جي زور تي غلام نبي، محمد ياسين، محمد شريف ۽ مير محمد کي فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو هو جنهن کي نوابشاهه ۽ ڪراچي جي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو هو جيڪي وڏي ڪوششن کان پوءِ بچيا آهن اسان اهڙي واقعي جو ڪيس نوشهروفيروز ٿاڻي تي داخل ڪرايو پر چار مهينا گذري وڃڻ، ڪورٽ ۽ ڊي ايس پي اعجاز ميمڻ جي حڪمن باوجود ايس ايڇ او نوشهروفيروز عبدالرسول ٻگهيو ۽ جانچ آفيسر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. نوشهروفيروز پوليس رشوت عيوض جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ انهن جو تحفظ ڪري رهي آهي. هنن چيو ته پوليس اهلڪار عبدالرحيم مري ۽ عبدالوهاب مري موتمار ۽ بُرن نتيجن ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن مان پڻ اسان کي جان جو خطرو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گهرن تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي فور ي طور گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

Read Previous

ڀارت غلطيءَ سان ڪنٽرول لائن پار ڪندڙ ٻه ڀينرون پاڪستان حوالي ڪري ڇڏيون

Read Next

نوشهروفيروز: يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت تعلقي ڀريا پاران ڳوٺ کاھي ممن ۾ ھر سال وانگي ھن سال به ٻن ڏينھن جي مفٿ اکين جي آپريشن جي ڪئمپ ماھر سرجن ڊاڪٽر سيد آصف شاھ جي نگرانيءَ ۾ ٿي

Most Popular