18 سالن کان گھٽ عمر وارن ٻارن جون شاديون ڪرائڻ قانونن ڏوھه آھي : ابرار احمد جعفر

نواب شاھ (ڈر) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ابرار احمد جعفر چيو آھي ته 18 سالن کان گھٽ عمر وارن ٻارن جون شاديون ڪرائڻ قانونن ڏوھه آھي جنھن کي روڪڻ لاءِ ٻارن جون شاديون ڪرائيندڙ والدين ۽ سندن مدد ڪندڙ ڏوھاري ثابت ٿيندا اھڙن خيالن جو اظھار ھن اڄ دربار ھال ۾ ننڍپڻ جي شادين کي روڪڻ بابت جوڙيل ضلعي ڪميٽي جي سڏايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڪميٽي جي ميمبرن کي ھدايت ڪئي ته هو پنھنجن علائقن ۾ ننڍپڻ ۾ ٿيندڙ شادين بابت ڄاڻ حاصل ڪن ۽ ٻارڙن جي نالن کي راض ۾ رکيو وڃي ھن کين اھا پڻ ھدايت ڪئي ته ان بابت ملندڙ شڪايتن جي حد جي ميجسٽريٽ يا پوليس کاتي وٽ درخواست جمع ڪرائين ته جئين اھڙن واقعن ۾ ملوث والدين ۽ سھولتڪارن خلاف قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي ۾ چائلڊ ميريج ايڪٽ جي قانون سازي تي مڪمل عمل ڪرائڻ لاءِ جلد سيشن جج سان پڻ اجلاس منعقد ڪيو ويندو جڏھن ته يونين ڪائونسلن ۾ ننڍپڻ جي ٿيندڙ شادين جي روڪ ٿام لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پابند بڻايو ويندو ته ھو ڳوٺاڻن علائقن ۾ اھڙن واقعن جي نشاندھي ڪن ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي اندر 70 سيڪڙو نڪاح رجسٽرڊ نٿا ٿين ان ڪري نڪاح رجسٽرار کي ان ڳالهه جو پابند بڻايو وڃي ته ھو نڪاح نامن کي مڪمل طور تي رجسٽرڊ ڪرائين اجلاس ۾ ڊائريڪٽر اطلاعات شھيد بينظيرآباد شفيق حسين ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر چائلڊ پروٽيڪشن شهيد بينظيرآباد ڊويزن ۽ ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن مسلم فاروق، پروٽيڪشن آفيسر ڊوميسٽڪ وائيلينس فرحانه عمران، ڊاڪٽر راج ڪمار، انفارميشن آفيسر شير محمد جمالي، جاويد علي ملاح،افشان ميھر ميمڻ کانسواءِ ٻين ڪاميٽي ميمبرن شرڪت ڪئي.

Read Previous

لاڙڪاڻو: غيرقانوني بجلي استعمال ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري ايل ٽي ۽ ايڇ ٽي تارون لاهي 12 ٽراسفارمرن جي بجلي ڪٽي وئي

Read Next

ڪنڌرا جو محلو ٽنڊو علي آباد ٽائون ڪميٽي ۾ هجڻ جي باوجود ڪافي عرصي کان بنيادي سهولتن کان محروم ڪافي جاين تي گند ڪچري جا ڍير لڳي ويا

Most Popular