پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي
هڪ پگهار دار ملازم هوندي ڪڏهن اسان سوچيو آهي ته جنهن ڪم يا ذميوارين جي اجرت کڻون ٿا، اها ذميواري صحيح نموني ادا ڪيون ٿا؟
پوري دنيا اندر ڪرپشن جو ڏينهن پيو ملهايو وڃي.جڏهن ته پاڪستان اندر به مختلف تعليمي ۽ ٻيا ادارا انهي ڪرپشن جي ڏهاڙي جي حوالي سان پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن اندر سيمينار ۽ ريليون ڪڍيون پيون وڃن. جنهن ۾ اڪثر شريڪ ٿيندڙ پاڪستان اندر تعليم پرائيندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين ڪئي.تنهن ڪري شايد ادارن اها سوچ رکي ڪري نوجوان نسل کي انهي ڪرپشن جي ڏهاڙي جي لاءِ شرڪت جي دعوت ڏني. ته پاڪستان نوجوانن کي آئيندا جي روشن مستقبل جي لاءِ ڪرپشن کان پاڪ ملڪ جو جو آئينو ڏيکارجي.
بدعنواني ھڪ سماجي برائي جو نالو آھي جيڪا ڪنھن معاشري، ملڪ، رياست، سياسي، انتظامي، حڪومتي، معاشي ۽ معاشرتي نظام کي ناڪام يا ناڪاره بڻائي تباھي ، بربادي ، تنزل يا پستي ڏي وٺي وڃي ٿي. ڪرپشن سري وانگر نظام جي ڪاٺ کي کوکلو ڪري ڪمزور ۽ ناس ڪري ڇڏيندي آهي. اھا سرڪاري توڻي غير سرڪاري ادارن ۾ ملندي آهي. ڪرپشن يا بدعنواني جو سبب ناجائز طريقي سان دولت شھرت طاقت يا اقتدار جي حاصلات آھي. ان جي نمونن ۾ غبن، فراڊ يا ڌوڪو، اختيار جو ناجائز استعمال يا فرض جي ادائگي کان انڪار يا پاسو ڪرڻ وغيره شامل آهن. ڪرپشن سماج اندر صحيح ۽ غلط ، بري ۽ ڀلي ، اھل ۽ نا اھل ، حق ۽ناحق، انصاف ۽ نا انصافي جي وچ ۾ تميز يا فرق کي ختم ڪري سماجي قدرن ۽ سماجي اخلاقيات کي ناس ڪري ٿي.
جيڪڏهن تاريخ جو مشاھدو ڪجي تہ خبر پوندي تہ قومن ، تھذيبن ۽ معاشرن جي تباهيءَ جو وڏو سبب بدعنواني يا ڪرپشن رھي آھي. اھا بي ايماني جو ھڪ وڏو قسم آھي ۽ ان جي محرڪن ۾ سڀ کان وڏو محرڪ لالچ آھي .اھو ھڪ اھڙو عارضي نفعو ڏيندڙ انفرادي عمل آھي جيڪو اجتماعي نقصان يا تباهي آڻي ٿو تنھن ڪري ھر معاشري ۾ اھو ڳڻتي وارو موضوع رھيو آھي جنھن ڪري ان کي روڪڻ لاءِ خاص قانون سازي ذريعي خاص ادارا جوڙيا ويندا آھن.
ڪرپشن جا قسم عام طور تي ان جي سائيز سان لاڳاپيل ھوندا آھن . ننڍي يا پيٽي ڪرپشن ۽ ٻي وڏي ڪرپشن. ننڍي ڪرپشن۾ سسٽمڪ ڪرپشن بہ شامل ڪري سگھجي ٿي . ننڍي پيماني واري ڪرپشن جو محرڪ ڪانہ ڪا سماجي يا معاشي مجبوري ھوندي آھي. گھٽ آمدني يا گھٽ پگھار ، فلاحي رياست جو فقدان، سماجي ناانصافي ۽ محروميون، حقن کان محرومي، ظالماڻو نظام وغيره آھن . ھن قسم جي ڪرپشن يا بدعنواني جي موجودگي انھن سببن جي موجودگي تي مدار رکندڙ آهي جيڪڏهن معاشي، سماجي، سياسي يا انتظامي تبديلي آڻي انھن سبب جو خاتمو ٿئي تہ ان قسم جي ننڍي سائيز واري ڪرپشن جو خاتمو يا ان جي نمايان ڪمي اچي ويندي. وڏي پيماني تي جيڪا ڪرپشن آھي ان جو محرڪ لالچ ، بي انتھا دولت جو حصول ء اقتدار يا طاقت جي حوس وغيره آهن. ان قسم جي ڪرپشن مجبوري نہ پر قانوني نتيجن جي خبر ھوندي ترجيحي آھي. اھڙي ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ قانون ذريعي روڪ ۽ سخت سزائون ملڪيتن جي ضبطگي وغيره جي ضرورت پوندي آهي جن جو تعين رياستي ادارن ذريعي ٿيندو آهي. پر پاڪستان مان ڪرپشن جي خاتمو پنهنجي خيال اندر کوکلن نعرن سان نه ٿو ٿي سگهي. ڪرپشن ملڪ اندر انهي وبا نما بيماري جيان پکڙي وئي آهي. جنهن نسلن جا نسل تباه ڪري رهيا آهن. ڪرپشن جنهن ملڪ جي ماحول ۾ اهڙي ته زهريلي بوءِ پکيڙي آهي جنهن جي ڪري پورو ملڪ ڪرپشن جي بدبو سان بدبودار ٿي ويو آهي.ڇا اوهان اهو خيال ڪري سگهو ٿا ته ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو خالي سيمينار ڪرائڻ ۽ انهن اندر تقريرون ڪرائڻ ۽ انهي تقريرن اندر کوکلا نعرا هڻڻ ۽ تاڙيون وڄائڻ سان ممڪن آهي؟ هن ملڪ اندر ته وڏا وڏا ڪرپشني ڪامورا ڪرپشن جي ڪيس اندر گرفتار به ٿين ٿا ۽ آساني سان ڪيس سان بري به ٿيو وڃن. افسوس آهي ته هن ملڪ اندر ڪرپشن ڪيس اندر ٿيندڙ گرفتياريون صرف ۽ صرف هڪ ڏيکاءُ جي حد تائين آهي.باقي انهي گرفتارين کي عملي جامو اڃان تائين ڪير به پارائي نه سگهيو آهي.هتي هر سياستدان ڪرپشن جي گهيري ۾ اچي چڪو آهي ۽ معاشرو اهڙن ڪرادرن سان ڀرجي ويو آهي ۽ انهي کان وڌيڪ انهي نوجوان نسل سان ظلم ڪهڙو هوندو جو جنهن معاشري ۾ هو رهي رهيو آهي انهي معاشري اندر کيس هر روز نوان نوان ڪرپشن جا ڪيس ڏسڻا پون ٿا. هي انهي نوجوان نسل لاءِ ڪهڙو پيغام آهي جنهن ۾ نوجوان نسل لاءِ حڪومت اهي دعوائون ڪري رهي آهي ته هي نوجوان آئيندا جو روشن مستقبل آهي.پوءِ انهي روشن مستقبل کي روز اهو ڇو ٿو ٻڌڻو پوي ته فلاڻي ماڻهو ڪيترا پئسا ڪرپشن ۾ کاڌا.
بس اهو ئي افسوس آهي ته ملڪ اندر انهن نوجوانن کي چيو ويندو آهي جيڪي اڃان شاگردي واري دور اندر آهن. ته بدعنوانين خلاف تقريرون ڪيو.مضمون لکو.جڏهن ته انهن نوجوان کان اگر پڇا ڪجي ته اهي ڪرپشن جي باري ۾ ڇا ٿا ڄاڻن ته اهي اهو ئي جواب ڏيندا آهن ته انهن جو انجام تمام گهڻو خراب ٿيو. جن ڪرپشن ڪئي انهي ئي نوجوانن کان اگر انهي ڪرپشن جا دليل پڇا ڪجن ته سندس ذهن هڪ دم هٽلر، چنگيزخان، هلاڪو خان جو مثال ڏيڻ لڳندا آهن.جڏهن ته تاريخ انهي ڳالهه جي گواه آهي ته اهي ظالم ضرور هئا پر انهن ڪرپشن ڪڏهن به نه ڪئي.پر هن معاشري ۽ اڳ واري معاشري وڏو فرق آهي.هن معاشري اندر ظالم به آهن جيڪي ظلم ٿا ڪن.۽ ڪرپٽ ڪامورا به جيڪي ڪرپشن ٿا ڪن.هي معاشرو هن وقت بدعنوانين جي عروج تي پهچي چڪو آهي. جتي پورو معاشرو ڪرپشن جي باه ۾ سڙي رهيو آهي انهي معاشري کي کوکلن نعرن جي پاڻي سان اجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن معاشري اندر شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ کان ويندي سرڪاري اسپتال جو ڊاڪٽر به اعلاج لاءَ پئسا ٿو گهري ۽ اهڙي معاشري اندر ا اهڙا سمينار ڪرايا ويا آهن جنهن اندر اهو چيو ويو آهي ته معاشرو ڪرپشن کان پاڪ ٿي چڪو آهي. پر ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته ويهه ويهه سال ٿي چڪا آهن نيب ڪيس ملڪمل ناهن ٿي سگهيا.نيب پهرين اهي ڪيس ته هلائي انهن کي ته سزا ڏياري.! انهي ڪري مان انهي ڳالهه کي نه ٿو مڃان ته ڪي سيمينار ڪرائي ڪري ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو.جڏهن ته ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو تڏهن ايندو.جڏهن حيقيقت کي عملي جامو پارائي ڪري انهن ڏهارين کي سزائون ڏنيون وڃن.
شيخ سعدي فرمايو: الناس علي ين ملوڪهم. يعني عوام پنهنجي حڪمران جي دين تي هوندي آهي. ان ڪري جهڙا حڪمران هوندا اُهڙي عوام هوندي آهي…
ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته اسان کي دين اسلام جي سنهري اصولن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ۽ ڪرپشن کان پاڪ هڪ اهڙو مثالي معاشرو جوڙڻو آهي جنهن ۾ ميرٽ جي بالادستي، انصاف جي فراهمي ۽ ڪمزور طبقن جي حقن جو تحفظ يقيني هجي. ڪرپشن جهڙي ناسورتي ڪنٽرول ڪرڻ لا۽ اسان سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اسان هاڻي به ڪرپشن خلاف جهاد نه ڪيو ته ايندڙ نسل اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو. رشوت بابت اسان جي دين ۾ واضع منع ٿيل آهي، جڏهن ته ان بابت نبي پاڪ جي حديث مبارڪ آهي ته رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻئي جھنمي آهن. ڪرپشن کي پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ هر باشعور شهري کي اڳتي اچي پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. سڀ کان اڳ پنهنجو احتساب ڪري بعد ۾ ڪنهن ڪرپشن جي نشاندهي ڪريون.